بنگلاديش ۾ ٻيڙيون ٽڪرجي پيون، عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي فوت

ڍاڪا: بنگلاديش جي اترين حصي ۾ هڪ مسافر ٻيڙي درياهه ۾ ٻڏڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
اهو حادثو نيٽروڪانا ضلعي ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن موٽر تي هلندڙ اها ٻيڙي گومائي درياهه ۾ هڪ ٻي ٻيڙيءَ سان ٽڪرجي اونڌي ٿي پئي.
اطلاعن موجب حادثي جو شڪار ٿيل ٻيڙي تي 35 مسافر سوار هئا.
امدادي ڪارڪن هيل تائين 5 عورتن ۽ 5 ٻارن جا مڙهه درياهه مان ڪڍي چڪا آهن، جڏهن ته ٻيا گم آهن، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي