ماسڪ پائي احتجاج: جاپان جي نومي اوساڪا يو ايس اوپن ۾ ڌيان جو مرڪز بڻيل

لنڊن: اڳوڻي عالمي نمبر ون جاپان جي نومي اوساڪا يو ايس اوپن جي پنهنجي هر ميچ ۾ مختلف فيس ماسڪ پائي آمريڪا ۾ جاري نسلي تعصب ۽ ناانصافي جي خلاف آواز اٿاري ڇڏيو.
نومي اوساڪا هن وقت يو ايس اوپن ۾ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. اڳوڻي عالمي نمبر ون ۽ ٻه ڀيرا گرينڊ سلم چيمپين نومي اوساڪا جي فيس ماسڪ تي ان ڪاري نسل وارن جا نالا لکيل آهن جيڪي نسلي تعصب جو نشانو بڻيا هئا.