جعلي اڪائونٽس ڪيس جي مرڪزي جوابدار انور مجيد جي ضمانت منظور

ڪراچي:سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ مرڪز جوابدار انور مجيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب انور مجيد جي ضمانت طبي بنيادن تي منظور ڪئي وئي آهي پر عدالت سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واضح رهي ته 15 آگسٽ 2018 تي ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار انور مجيد ۽ ان جي پٽ اي جي مجيد جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي کين عدالت واري ڪمري ٻاهران گرفتار ڪيو هو.