حڪومت ڪيرائڻ ۾ هڪڙوئي ماڻهو فضل الرحمان سنجيده آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد : سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري چيو ته هن جي ڳالهه ٻڌي وڃي ها ته نواز شريف کي وڃڻ ئي نه ڏنو وڃي ها. هن چيو ته ڪورونا سبب نواز شريف جي معاملي ۾ دير ٿي، سندس واپسي بابت حڪمت عملي فروغ نسيم ۽ شهزاد اڪبر جوڙيندا، اڳوڻي وزيراعظم سان ذاتي جهيڙو نه آهي، رڳو جيڪي پئسا ٻاهر ويا اهي واپس اچڻ گهرجن. فواد چوڌري چيو ته ڪابينا، نواز شريف جي لنڊن وڃڻ کان اڳ چيو هو ته 2 ڏهائي 7 ارب رپيا گارنٽي رکي وڃي، هو اها رقم ڏي پوءَ ڀلي ٻاهر وڃي، ڊاڪٽرن کيس رپورٽ جي بنياد تي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو، مسئلو ڊاڪٽرن جو نه پر رپورٽن جو آهي ته اهي ڪيئن ٺهيون، هاڻ هو ٺيڪ ۽ گهمي پيو. سندس چوڻ هو ته مريم نواز ايتري اهم نه آهي جو ڪابينا ۾ بحث هيٺ آندو وڃي، حڪومت ڪيرائڻ ۾ هڪ ئي ماڻهو سنجيدا آهي ۽ اهو فضل الرحمان آهي، ڏهاڙي بند ٿيڻ بعد هو هر دروازي تي جلسو کڻي پهچندو آهي، ڪو به ماڻهو مولانا ۽ سندس گروپ جو ليڊر ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي.