توشا خانا ريفرنس ۾ نواز شريف طرفان احتساب عدالت ۾ طلبي چئلينج

اسلام آباد : توشا خانا ريفرنس ۾ نواز شريف طرفان احتساب عدالت ۾ طلبي چئلينج ڪئي وئي آهي ، نواز ليگ سربراهه نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته طلبي جو اشتهار جاري ڪري پيشي جو آخري موقعو ڏنو ويو، اشتهاري قرار ڏيڻ وارو عدالتي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.