پاڪستان پاران اعتراض ڪرڻ کان پوءِ هزارين وڊيوز هٽايون ويون آهن: ٽڪ ٽاڪ انتظاميه

اسلام آباد: وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ چيو آهي ته ڪميونٽي گائيڊ لائنز جي ڀڃڪڙي تي پاڪستان ۾ اعتراض جوڳي مواد کي هٽائڻ کان علاوه هزارين اڪائونٽن کي معطل ۽ بند ڪيو ويو آهي.
ٽڪ ٽاڪ انتظاميه طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ان پنج وڏن صارف ملڪن ۾ شامل آهي جتي ٽرمز آف سروس يا ڪميونٽي گائيڊ لائين جي ڀڃڪڙي سبب ٽڪ ٽاڪ تي موجود وڊيو جي وڏي انگ ۾ هٽايو ويو آهي. ٽڪ ٽاڪ طرفان پاڪستاني صارفين جي سهوليت جي لاءِ اردو ۾ به هدايت نامو جاري ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ ۾ رپورٽنگ فيچر به موجود آهي جنهن جي ذريعي ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ نامناسب مواد يا اڪائونٽ جي باري ۾ شڪايت ڪري سگهجي ٿي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ٽيلي مواصلات جي نگران اداري پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) غير اخلاقي مواد نه هٽائڻ تي ٽڪ ٽاڪ کي آخري وارننگ جاري ڪئي هئي