ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز وسڪارو،بجلي جو نظام درهم برهم

ڪراچي : ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيز وسڪاري سبب بجلي جو نظام ڌرم برهم ٿي ويو. ڪراچي ۾ طوفاني برساتن بعد اڪثر علائقن توڙي روڊ رستن تي وري گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو. حيدرآباد، ٺٽو، شهيد بينظير آباد، بدين، ميرپورخاص، ڄامشورو، عمرڪوٽ، خيرپور، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ مٽياري ضلعن جَي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوا سان وسڪارو جاري آهي. موسميات کاتي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن بعد شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته تيز برسات جو سلسلو ڇنڇر تائين جاري رهي سگهي ٿو.