سنڌ هاءِ ڪورٽ جو عيد الاضحيٰ تي ڪراچي ۾ صفائي جا خاص بندوبست ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ عيدالاضحيٰ تي صفائي سٿرائي جا خاص بندوبست ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالتي حڪم تي سالڊ ويسٽ بورڊ ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ سينٽرل کي ڌر بڻايو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ شهر ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اوجهه ٺڪاڻي لڳائڻ، گند کڻڻ، مينهن جو پاڻي فوري طور صاف ڪرڻ ۽ صفائي جا خاص بندوبست ڪرڻ بابت جسٽس خادم حسين ايم شيخ ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ لکت وارو حڪم نامو جاري ڪيو.

عدالت لاڳاپيل ادارن کي شهر ۾ جتي به مينهن جو پاڻي موجود آهي ان کي فوري طور صاف ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو. جاري حڪم نامي ۾ عدالت چيو آهي ته شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. عدالت ڪراچي صاف ڪري لاڳاپيل دارن کان 13 آگسٽ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.