سنڌ ۾ هڪ مهيني لاءِ سمنڊ ۽ درياهه ۾ وهنجڻ تي پابندي

ڪراچي : سنڌ حڪومت صوبي ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.

صوبائي گهرو کاتي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سنڌ ۾ درياهه، ڍنڍ ۽ سمنڊ تي عوامي ميڙاڪي ۽ وهنجڻ تي پابندي هوندي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته تهوار جي موقعي تي انهن هنڌن تي ميڙاڪن سبب جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.

ان کانسواءِ سنڌ ۾ هوائي فائرنگ ۽ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ تي به پابندي رهندي.

گهرو کاتي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ايئرپورٽ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پڌرائيءَ موجب قرباني جي جانورن جي باقيات ايئرپورٽ ڀرسان ڦٽو ڪرڻ جي پابندي هوندي ۽ اها پابندي هڪ مهيني تائين رهندي.

سنڌ جي گهرو کاتي چيو آهي ته جانورن جي باقيات اڇلائڻ سبب پکين جي گڏ ٿيڻ سان فضائي حادثن جو خدشو آهي.