قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ دهشتگردي ۽ سلامتي ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن وارا بل منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ دهشتگردي ۽ سلامتي ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن وارا بلز منظور ڪيا ويا، قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد عباسي دهشتگرد ايڪٽ ۽ پارلياماني مامرن جي صلاحڪار بابر اعواڻ قومي سلامتي ايڪٽ ۾ ترميم جا بلز پيش ڪيا، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن بلز منظور ڪرائي پاڪستان کي وائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، سينيٽ اڄ ڀارت جي ناپاڪ اردان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.