عالمي اِسٽيبلشمينٽ جَي چوڻ تي پاڪستاني شهرين جا آئيني ۽ بنيادي حق پائمال ڪيا پيا وڃن:رضا رباني

اسلام آباد : پ پ سينيٽر رضا رباني سينيٽ جَي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته ايف اَي ٽي ايف سان لاڳاپيل بل پاس ڪري عالمي اِسٽيبلشمينٽ جَي چوڻ تي پاڪستاني شهرين جا آئيني ۽ بنيادي حق پائمال ڪيا پيا وڃن. رضا رباني چيو ته ضياءَ ۽ مشرف جِي آمريت خلاف سينيٽ ڄَمِي بيٺل رهِي. هن چيو ته اڄ پارليامينٽ جون ڏورُون ڪنهن ٻئي هنڌان ڇِڪيون پيون وڃن. پ پ سينيٽر چيو ته ڪلڀوشن بابت آرڊيننس وسيلي ملٽري ڪورٽس جَي فيصلن تي هاءِ ڪورٽس وسيلي نظرثاني جو رستو ڏنو پيو وڃي.