پاڻ جڏهن پرائمري ۾ پڙهنداهئاسين ته ان وقت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ ڪيترا نه پيارا ۽ وڻندڙ بيت، گيت ۽ نظم شامل هوندا هئا ، جيڪي پڙهندي ۽ ٻڌندي دل ڄڻ گد گد پئي ٿيندي هئي .
اهي بيت ، گيت ۽ نظم ئي هوندا هئا جيڪي اسان جي تعليم پرائڻ جي عمل ۾ مددگار ثابت ٿيا هئا .
1970 کان 80 واري ڏهاڪي ۾ پڙهيل اهي بيت، گيت ۽ نظم اڄ به ڄڻ اسان جي ذهن جي ڪينواس تي اڪريل آهن.
پهرين کان پنجين درجي تائين جي ڪتابن ۾ شامل ”حمد“ اڄ به اسان کان وسري نه سگهيا آهن .
”گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون، جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي ، باغن ۾ جو انبَ پچائي“ يا ”اسان کي تون سائين سدائين خدايا، ڪرم سان اپائين نپائين خدايا “ يا سڀ ڪن تنهنجي ساراههَ قدرت وارا، نرمل جوتيِ نورُ نظارا، قدرت وارا. يا ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا ، سائينءَ جي سگهه سمجه پيارا، اُڀ ۽ ڌرتيءَ تي اِسرارُ ، جوڙيا سائين سڀ جنسارَ. يا ڌڻي تنهنجي ڏسجي ٿي جِت ڪِٿ خدائي ، ڪرم ساڻ ڪر تون اسان تي ڀلائي. يا وري تون حبيب تون طبيب تون درد جي دوا ، جانب منهنجي جيءَ ۾ آزارَ جا انواعَ ،صاحبَ ڏِج شفا ، ميان مريضن کي.
پهرين کان پنجين درجي تائين جي ڪتابن ۾ شامل اهي ”حمد“ جن ۾ ڌڻي سڳوري جي نهايت ئي سادن لفظن ۾ صفت بيان ٿيل آهي ۽ لفظ ڄڻ پاڻي جيئن وهندا پيا وڃن، ڪٿي به پڙهڻ ۾ ڪا رنڊڪ يا رڪاوٽ محسوس نه پئي ٿئي .
اصل ۾ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پراڻن ڪتابن ۾ شامل سبق ۽ نظم ان دور جي حالتن ۽ ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي جي مڪمل عڪاسي سان گڏو گڏ ان دور جي ٻار جي نهايت ئي سهڻي نموني سان تعليم ۽ تربيت جو هڪ وڏو ذريعو هوندا هئا جن وسيلي ٻارن کي اخلاقي قدرن سان گڏ پنهنجي وطن سان پيار جو به درس ڏنل آهي .
وطن جي چمن کي سنواري هلو، سنواري ، سڌاري ، اجاري هلو. يا هي سرسبز ٻنيون ۽ ٻارا وطن جا ، وڻن واهه جو ٿا نظارا وطن جا. يا منهنجا وطن پيارا وطن ، اکڙين سندا تارا وطن يا وري وطن جي حُبَ جي دل ۾ نه ٿي ، اِيمان ڪهڙو ٿيو؟
سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن ۾ شامل مواد وسيلي ٻارن جي تعليمي ۽ تعميري سوچ کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ کين ڪيڏي نه سهڻي نموني سان محنت جي عظمت کان پڻ واقف ڪيو ويو آهي .
”محنت ڪرتون محنت ٻار، محنت سان ٿيندين هوشيار! وِهنجي سِهنجي نيرن کائي،
اُجرا ڪپڙا پهري ڀائي،مڪتب ڏي ٿي ترُت تيار،محنت ڪر تون محنت ٻار ! ٻُڌ تون ٻار هنئين سان لائي،جو توکي اُستاد پڙهائي،گهر ۾ پڻ تون اُن کي سار، محنت ڪر تون محنت ٻار.
انهن ڪتابن ۾ ٻارن کي تعليم جي اهميت کان واقف ڪرائڻ سان گڏو گڏ کيڏڻ ڪُڏڻ ڏانهن به اوتروئي ڌيان ڏياريو ويو آهي.
اچوڙي ٻارو راند جو وارو ، اڪ جون ڪاٺيون نم جا پاوا. يا آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون ، دوست گهڙي کن دِل وندرايون. يا وري اچوڙي ڀينر راند رچايون ، ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون.
ان وقت جا گيت، بيت ۽ نظم جيئن ته ان دور جي عڪاسي ڪندڙ هئا ان ڪري انهن ۾ ان وقت جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي، کاڌي پيتي ۽ موسمن جو به ذڪر ان ريت ڪيل آهي
جهوجهو ماٽي ، لسي پنهنجي گهاٽِي، مکڻ جي چاڻِي، امڙ سياڻي،ڏُڌَ جي ماٽِي، سُٽ سندي آٽِي، آيو مينهن آيو لٽڙا پُسايو، اِجهو سِج نڪتو لٽڙا سُڪايو. يا مون کي جنهن ٿي کير پياريو، پيار منجهان ٿي گودِ ويهاريو، خوش ٿي هرهر مون ڏي نهاريو منهنجي امڙ. يا جو کير پيئي سو وِير ٿئي ،ڏند زور وٺن سٺا سهڻا لڳن يا واهه ڙي تارا گول تارا، روشن تارا ، چِلڪي وارا. ،ڏسو ڏسو اي ٻارو گل ، سهڻو هي گل هي پيارو گل، ٻُوٽن تي ٿي جوتِ جلي، ڌرتيءَ جو آ تارو گُل. يا ڪکائن گهرن کي تون روشن ڪرين ٿو، غريبن جي چونئرن کي گلشن ڪرين ٿو.
انهن مڙني بيتن ۽ گيتن ۾ ٻار کي ان جي آس پاس جي ماحول ۽ شين کان چڱيءَ ريت نه رڳو واقف ڪرڻ آهي پر انهن جي فائدن ۽ نقصانن بابت به کيس ڄاڻ ڏيڻي آهي
جيئن هي بيت آهي ته ”آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب، جهڙي شاهوڪارلئه تهڙي ڪاڻ غريب.“ يا وري چڱن جي سنگت ٿي رهي ڪارگر، برن جو سدائين بُرو ٿئي اثر.
مطلب ته اڄ کان پنجاهه سال اڳ وارو نصاب ٻار جي ذهني اوسر ، ان جي علمي ڄاڻ سان گڏو گڏ ٻين هاڪاري سرگرمين ۽ دنيا جي معاملن سان ان جي بهتر نموني سان واقفيت ڪرائي پيو ۽ ٻار کي اهڙي ته سولي ٻولي ۽ لهجي ۾ اهي سڀ سبق پڙهايا ويا جو هو انهن کي پاڻ تي ڪڏهن به بار نه پئي سمجهيو پر خوشي خوشي پڙهندو ۽ هينئي سان هنڊائيندو رهيو. اڄوڪي دور ۾ به ٻارن کي انهن جي آس پاس واري ماحول مطابق انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ سولي نموني سان سليبس جوڙي ڏنو وڃي ته جيئن شاگرد ڪتابن پڙهڻ کي پاڻ تي بار نه سمجهي ۽ هو چاهه سان ڏنل سبق پڙهي پنهنجي نئين دنيا ڏانهن وڌي سگهي .