پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو جا تاريخي ڪارناما

          لاڙڪاڻي ضلعي جي ننڍڙي علائقي ڳڙهي خدابخش ۾ سر شاهنواز ۽ ليڊي خورشيد جي گهر ۾ 5 جنوري 1928ع تي جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو ، ان جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.

      ذوالفقارعلي ڀٽو جڏهن عملي سياست ۾ آيو تہ تمام ٿوري عرصي ۾ ئي پنهنجي صلاحيتن سبب پاڪستان جي سياست جو محوَر بڻجي ويو، سندس مخالف بہ هن جي صلاحيتن جا انڪاري نہ آهن. ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي سياسي بصيرت مڃائي چڪو هو.

     ذوالفقار علي ڀٽو شروعات ۾ لاڙڪاڻي ۽ پوءِ ٿورو عرصو ڪراچيءَ ۾ تعليم پرائِي بعد ۾ بمبئيءَ ۾ ڪيٿيڊرل اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اُتي جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

    پڙهائيءَ دؤران ڀٽو صاحب عالمي سياست جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو. 1946ع ڌاري آمريڪا پڙهڻ ويو، جتي برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياسيات ۽ بين الاقوامي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين. سياسيات ۾ بي. اي (آنرز) ڪري پوءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪرسٽ چرچ ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن ٽن سالن جو ڪورس ٻن سالن ۾ مڪمل ڪري ورتو.

ڀُٽي صاحب آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ئي ايم. اي سياسيات جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ ‘’بار ائٽ لا’‘ جو امتحان پاس ڪري انگلنڊ جي سائوٿ هيمپٽن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو استاد مقرر ٿيو. ان وقت هو پهريون ايشيائي مسلمان هو، جنهن کي اتي پڙهائڻ جو اعزاز مليو.

ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين شادي سندس سؤٽِ امير بيگم سان 1940ع ڌاري ٿي، جڏهن تہ سندس ٻي شادي بيگم نصرت ڀٽو سان 1951ع ۾ ٿي، جنهن جو تعلق اصفهاني خاندان سان هو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي ڪُک مان 1953ع ڌاري محترمہ بينظير ڀٽو، 1954ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو، 1957ع ۾ صنم ڀٽو ۽ 1958ع ڌاري شاهنواز(جونيئر) جنم ورتو.

       وطن واپس اچي ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. گڏوگڏ وڪالت جي پرئڪٽس بہ ڪندو رهيو. هُن مختصر ڪيريئر ۾ ڪامياب وڪيل طور پاڻ مڃايو. اتفاق سان سندس پهريون مقدمو جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو تہ مقدمي جو فيصلو ٻڌائڻ وقت تڏهوڪي انگريز چيف جسٽس معمول خلاف ڀٽي صاحب لاءِ تاثر ڏنا تہ ”آئون اعتماد سان اهو چوڻ چاهيان ٿو تہ مسٽر ڀٽو مستقبل ۾ ڪامياب انسان بڻبو“.

        1956ع ۾ تڏهوڪي صدر اسڪندر مرزا نوجوانن جو هڪ وفد اقوام متحده موڪليو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو نالو بہ شامل ڪيو ويو، تڏهن تہ هو ڪو نہ وڃي سگهيو، پر 1957ع ۾ ويل وفد جي هن ئي اڳواڻي ڪئي. تنهن وقت سندس عمر 29 سال هئي. 1958ع ۾ هن جنيوا ۾ ٿيندڙ بحري سرحدن بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

     ذوالفقار علي ڀُٽي جڏهن عملي سياست ۾ پير پاتو تہ پهريان 1958ع کان 1960ع ڌاري صدر ايوب جي ڪابينا ۾ تجارت جو وزير مقرر ٿيو، 1960ع کان 1962ع تائين اقليتي معاملن ۽ قومي تعميرِ نو ۽ اطلاعات جو وزير ۽ 1962ع کان کان 1965ع تائين صنعت، قدرتي وسيلن ۽ ڪشمير جي معاملن جو وزير رهيو ۽ 1963ع کان 1966ع تائين پرڏيهي وزير طور ذميواريون نڀايائين. جڏهن وٽس پرڏيهي وزير جو قلمدان هو تہ هن مارچ 1963ع ڌاري چين سان نئين پاليسيءَ تحت پاڪ-چين سرحدي حدبنديءَ بابت معاهدو ڪيو ۽ اهو عمل چين سان دوستيءَ جي ڏس ۾ پهريون قدم هو، جنهنڪري ئي اڄ تائين چين جهڙي وڏي ۽ مضبوط ملڪ سان پاڪستان جي دوستي قائم آهي. ان کان سواءِ افغانستان، ايران ۽ رُوس سان پڻ ڀٽي صاحب سرحدي ۽ تجارتي لاڳاپا بهتر بڻايا.

       1965ع واري پاڪ – ڀارت جنگ بعد جڏهن روسي رهنمائن جي مدد سان ”تاشقند معاهدو“ عمل ۾ آيو تہ ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ ايوب خان جي وچ ۾ اختلاف اڀري آيا، جنهن جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي استعيفا ڏئي ڇڏي. اهڙي عمل سبب سندس شهرت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ پوءِ هن سنجيدگيءَ سان هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو سوچيو ۽ ان سوچ جو نتيجو اهو نڪتو تہ 30 نومبر 1967ع تي ”پاڪستان پيپلزپارٽيءَ“ جو قيام عمل ۾ آيو.

     ڊاڪٽر مبشر حسن، جي اي رحيم، ممتاز علي ڀٽو، حيات شيرپائو، مير رسول بخش ٽالپر، شيخ محمد خورشيد، معراج محمد خان، خورشيد حسن مير، ملڪ نويد احمد، ملڪ حامد سرفراز، ڪامريڊ غلام محمد لغاري انهن ماڻهن ۾ شامل هئا. جن پارٽيءَ جي تشڪيل وقت پهرئين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

     پيپلزپارٽيءَ چار بنيادي اصول وضع ڪيا ويا، جيڪي پوءِ پارٽيءَ جي سڃاڻپ بڻيا،- اسلام اسان جو دين آهي، – جمهوريت اسان جي سياست آهي، – سوشلزم اسان جي معيشت آهي، – طاقت جو سرچشمو عوام آهي. اُن وقت انهن چئني اصولن سان گڏ هڪ  نعرو بہ گونجيو، جيڪو ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ (اٽو، لٽو ۽ اجهو) طور مشهور ٿيو. 

          ذوالفقار علي ڀٽي جي پ پ پ، 1970ع وارين عام چونڊن ۾ اولھ پاڪستان مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. جڏهن تہ اوڀر پاڪستان مان شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ وڏي اڪثريت ماڻي.

          ڊسمبر 1971ع ۾ جنرل يحييٰ خان ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ لاءِ گهرايو، ۽ 20 ڊسمبر 1971ع تي ڀٽي صاحب هڪ نئين پاڪستان جو اقتدار اچي سنڀاليو، ملڪ ٻہ حصا ٿي چڪو هو، اوڀر پاڪستان جي سانحي بعد ملڪ جون حالتون خراب ۽ خزانو خالي هو.

     ذوالفقار علي ڀٽي همٿ ۽ حوصلي کان ڪم ورتو. ملڪ جا 93 هزار فوجي ڀارت ۾ جنگي قيدي هئا ۽ پاڪستان جي ڪجھ زمين بہ ڀارتي قبضي ۾ هئي، اهڙي مايوسيءَ واري حالت ۾ ڀٽي صاحب قوم کي حوصلو ڏنو.

       هُن 28 جون کان 3 جولاءِ 1973ع تائين ڀارت جو دورو ڪري ان وقت ڀارت جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ سان شملا معاهدو ڪيو، جنهن ڪري پاڪستان جا 93 هزار جنگي قيدي آزاد ٿيا ۽ ڀارتي قبضي ۾ آيل ڪجھ علائقا بہ پاڪستان کي واپس ٿيا. هن پاڪ-ڀارت لاڳاپا سفارتي سطح تي بحال ڪرائڻ ۽ ڪشمير بابت ڳالهين ذريعي نبيري ڪرڻ جي حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي.

     ذوالفقار علي ڀٽي  پاڪستان کي هڪ متفقہ آئين ڏنو. اهو 1973ع جو آئين پاڪستان جو پهريون متفقہ اسلامي ۽ جمهوري آئين هو ۽ اڄ بہ وفاق ۽ يڪجهتيءَ جو ضامن آهي.

      1971ع ۾  بنگال جي الڳ ٿيڻ واري واقعي بعد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جو جمهوري آئين جوڙڻ لاءِ مختلف نظريا رکندڙ پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي هڪ مستقل آئيني ڪميٽي جوڙي. اتفاق راءِ سان اسلامي جمهوري آئين جوڙيو ، جنهن ۾ صوبائي خودمختياريءَ لاءِ پهريون ڀيرو طريقيڪار  ڏنو ويو. هي آئين بعد ۾ قومي اسيمبليءَ 10 اپريل 1973ع تي منظور ڪيو. 1973ع واري آئين هيٺ ئي هُن، 14 آگسٽ 1973ع تي هڪ خودمختيار وزير اعظم طور حلف کنيو.

     پنهنجي دور حڪومت ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيترا ڪامياب قدم کنيا، هن پاڪستان کي ائٽمي طاقت فراهم ڪئي، 1973ع جو جمهوري ۽ پارلياماني آئين ڏنو، ڪيترا نجي ادارا ۽ بئنڪون قومي تحويل ۾ ورتيون، ملڪ جي وڏي فولادي ڪارخاني ‘’پاڪستان اسٽيل ملز’‘ جو بنياد رکيو، اسلامي ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي, جنهن ۾ دنيا جي مسلم ملڪن جا سڀئي سربراھ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دعوت تي آيا. نتيجي ۾ مسلم ملڪن وچ ۾ ڀائيچارو وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ ان موقعي تي ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.

ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي ائٽمڪ نيوڪليئر پروگرام ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنهنڪري کيس ’’نيوڪليئر پروگرام جو باني’‘ سڏيو وڃي ٿو.

     جڏهن مئي 1974ع ۾ ڀارت پاران نيوڪليئر تجربو ڪيو ويو تہ ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان ان عمل تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي فوري طور تي هڪ پريس ڪانفرنس سڏائي اعلان ڪيو تہ ”اسين گاھ کائڻ لاءِ بہ تيار رهنداسين، پر پنهنجي ملڪ لاءِ ائٽم بم ضرور ٺاهينداسين“.

    هن سمجهيو پئي تہ سمورين دفاعي صلاحيتن باوجود جيڪڏهن عالمي سطح تي پاڪستان کي ائٽمي ڪئمپ جو حصو نہ بڻايو ويو تہ ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي سگهي ٿو

    ذوالفقار علي ڀٽو بي پناھ صلاحيتن جو مالڪ هو، هن پنهنجي عملي زندگيءَ ۽ صلاحيتن کي عوام جي خدمت ۽ مفادن لاءِ ڪم آندو.

      ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۾ زرعي سڌارا آندا، غريب هارين ۾ زمينون ورهايون، مزدورن ۽ مسڪينن کي گهر فراهم ڪيا ۽ اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو عام ڪيو، جنهنڪري هو غريبن جو مقبول ترين ليڊر بڻجي ويو.

      5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ الحق پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي برطرف ڪري ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي ڇڏي، سيپٽمبر 1977ع ۾ نواب محمد احمد خان جي قتل جي الزام هيٺ کيس گرفتار ڪيو ويو.

      18 مارچ 1978ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ کيس موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل وڌي وئي، 6 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو، ستن مان ٽن ججن کيس باعزت بري ڪرڻ، جڏهن تہ ٽن ججن موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ چيف جسٽس پڻ موت جي سزا منظور ڪئي.

      دنيا جي ڪيترن ئي ملڪي سربراهن، دانشورن ۽ عوام طرفان ملڪ  جي صدر کي ذوالفقار علي ڀٽو جي جان بخشيءَ لاءِ اپيلون ڪيون ويون، پر هن ڪنهن جي نہ ٻڌي ۽ 4 اپريل 1979ع تي راولپنڊي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ تارا مسيح هٿان ڦاهيءَ جي سزا تي عمل درآمد ڪرايو ويو، جنهن  کانپوءِ سندس مڙھ کي لاڙڪاڻي ويجهو اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرايو ويو .

پاڪستاني روايتي سياست کي ڊرائينگ روم ۽ اخباري بيانن مان ڪڍي عوام تائين پهچائيندڙ سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو کي قوم سندس ڪيل خدمتن جي عيوض اڄوڪي ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪري ٿي .