“وطن يا ڪفن – آزادي يا موت” برصغير جي تاريخ ۾ اهڙو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه حقيقت ۾ سنڌ جي مزاحمت جو اهڙو ڪردار آهي، جنهن کان طاقتور انگريز سرڪار جا به ڏيل ڏڪندا هئا. نه رڳو اهو پر گورا عملدار به سندن شروع ڪيل تحريڪ کان ايترو ته ڊنل هوندا هئا جو تحريڪ جو سرواڻ ته پنهنجي جاءِ تي اُهي ان تحريڪ سان سلهاڙيل اڙٻنگ حُرن کان به ڪوهين ڏور ڀڄندا هئا.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پهرين حُر ڇاپا مار جنگ ته 1880ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي، جنهن جو مهندار بچو بادشاهه هو. ليڪن باقاعده پهرين حُر بغاوت 1886ع ۾ زور ورتو. گوري انگريز کي سنڌ ۾ حُرن جو طاقتور هجڻ پسند نه هو، ان ڪارڻ سندن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون، سورهيه بادشاهه تي به ڪوڙا ڪيس مڙهي کيس رتناگري جيل اماڻيو ويو. ان دوران سنڌ ۾ حُرن لاءِ ڌرتي ٽامڻي ڪئي. 1936ع ۾ سورهيه بادشاهه قيد ڪاٽي واپس آيو ته هُن مزاحمتي تحريڪ ۾ نئون روح اچي ڦوڪيو، جيڪا ڳالهه انگريزن کي پسند نه آئي. انهن آخرڪار 1941ع ۾ سورهيه بادشاهه کي نظربند ڪيو، ايئن کين صورتحال خراب ٿيڻ سبب سنڌ ۾ 1942ع ۾ پهريون مارشل لا هڻڻو پئجي ويو. ان مزاحمت ۽ تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ جو گوري انگريز کي اهو حربو سُجهيو جو سورهيه بادشاهه کي مڪاري ۽ حرفت سان ڪيس هلائي 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد جيل اندر ڦاهي چاڙهيو ويو، ڪن حوالن ۾ کيس حيدرآباد جيل اندر وقتي طور دفن ڪرڻ جو پڻ ذڪر ملي ٿو، بعد ۾ کيس ڪنهن گمنام هنڌ تي دفنايو ويو.
ننڍي کنڊ ۾ تڏهن خاص طور تي گوري انگريز جي اها پاليسي هئي ته اهي ساڻن دوبدو جنگ ڪندڙ مزاحمتي ڪردارن ۽ تحريڪي ماڻهن جون قبرون يا ته ٺهڻ ئي نه ڏيندا هئا يا وري گمنام رکندا هئا. ان جو سبب اهو هو ته اهي نه چاهيندا هئا ته باغي ماڻهن جي مزارن ٺهڻ سبب متان ڪي اهي تُربتون ماڻهن جي گڏجڻ يا اُتساهه جو ذريعو نه بڻجي پون. انهي ڳالهه جو واضح مظهر بچو بادشاهه ۽ سندس نائب عيسيٰ جو پڻ آهي، جن کي حُرن جي مرڪز سانگهڙ ۾ ئي موت جي سزا ڏئي، ڦاهي چاڙهيو ويو هو. انهن جا مڙهه به ڳجهي نموني دفن ڪيا ويا هئا. سر ائڊمنڊ ڪارڪس بارٽ جيڪو پهرين حيدرآباد جو ايس پي هو، پوءِ اڳتي هلي سنڌ جو پهريون ڊي آءِ جي پوليس به مقرر ٿيو. انهي پوليس آفيسر “پوليس اينڊ ڪرائيم اِن انڊيا” جي نالي سان ڪتاب ۾ اها ڳالهه مڃي آهي ته جيڪڏهن بچو بادشاهه ۽ عيسيٰ جون قبرون جوڙيون وڃن ها ته اهو ماڳ حُرن لاءِ هڪ زيارت گاهه بڻجي وڃي ها.
سورهيه بادشاهه ته وري به اُن سڄي مزاحمت ۽ تحريڪ جو روح روان هو، ان کان انگريزن جو خوف کائڻ فطري هو. انگريز فوج ۾ ڪرنل کان وٺي ميجر جنرل ٿيڻ تائين ملازمت ڪندڙ فوجي آفيسر ميجر جنرل وصال محمد خان، سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪنهن دور ۾ شايع ٿيندڙ “سنڌ ڪوارٽرلي” جي 23 جنوري 1980ع واري شماري ۾ پنهنجي لکيل هڪ خط ۾ ٻڌائي ٿو ته: “سيڪيورٽي جون سخت پابنديون حفظ ماتقدم طور هيون ڇاڪاڻ جو اهو سمجهيو پئي ويو ته جيئري کان “مئل” پاڳارو وڌيڪ خطرناڪ آهي.”
سنڌ پوليس جو اڳوڻو آءِ جي ۽ حُر گوريلا تحريڪ بابت پي ايڇ ڊي ڪندڙ آفتاب نبي “پير پاڳاري جو ڳجهو دفن ڪفن” جي سري هيٺ سنڌ جي تڏهوڪي گورنر ۽ وائسراءِ وچ ۾ٿيل لکپڙهه جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: “21 نومبر 1942ع تي سنڌ جي گورنر، وائسراءِ ڏانهن هڪ مختصر خط لکيو هو، جنهن ۾ هن وضاحت سان کيس چيو هو ته جيڪڏهن پير صاحب کي ڦاسي ڏني وڃي ته کيس سنڌ کان ٻاهر دفن ڪيو وڃي ۽ قبر کي ممڪن طور ڊگهي عرصي تائين ڳجهه ۾ رکيو وڃي، ان لاءِ اهڙي جڳهه جي چونڊ ڪئي وڃي جتي مقامي ماڻهو نه هجن. 21 ڊسمبر 1942ع تي وائسراءِ، سنڌ جي گورنر ڏانهن ٽيليگرام موڪلي هئي، جنهن ۾ کيس ٻڌايو هئائين ته هو پير کي دفن ڪرڻ واسطي ٻين علائقن سان گڏ مڌيه پرديش لاءِ پڻ ويچاري رهيو آهي، ان لاءِ اهڙي جڳهه جي چونڊ ڪئي وڃي جتي مقامي مريد ماڻهو نه هجن.”
انگريز عملدارن وچ ۾ سورهيه بادشاهه جي شهادت، دفن بابت ڳجهي لکپڙهه ڪافي عرصي تائين هلندي رهي. 29 جنوري 1943ع تي سنڌ جي انگريز گورنر ڊائو، لنٿگو ڏانهن لکيو هو ته: “پير صاحب کي سمنڊ ڪناري دفن ڪرڻ واري ڳالهه تي اتفاق نٿي سگهيو آهي.” هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته “جنرل رچرڊسن جو خيال آهي ته ميت کي جهاز وسيلي انگريز حڪومت واري علائقي عدن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ ان کي عدن ڀرسان دفن ڪيو وڃي.”
حُر تحريڪ تي تحقيق ڪندڙ جاکوڙي صحافي، ليکڪ ۽ دانشور نصير اعجاز پنهنجي هڪ مضمون “سورهيه بادشاهه جي آخري آرام گاهه ڪٿي آهي؟” ۾ لکي ٿو ته: “حُر جماعت جي هڪ شخص، جنهن سرڪاري نوڪري ۾ هئڻ ڪري پاڻ کي ظاهر ڪرڻ نٿي گهريو، ٻڌايو ته 1980ع واري ڏهاڪي جي اوائل ۾ هو خيبرپختونخواهه جي وصال محمد خان جي ڳوٺ وڃي ساڻس مليو هو ۽ مٿس زور ڀريو ته پير صاحب جي تدفين واري هنڌ بابت تفصيل ٻڌائي ۽ ان جاءِ جو نقشو به ڏئي پر هُن ٺپ انڪار ڪندي چيو هو ته: “جيستائين جي ايڇ ڪيو وٽان اجازت نه ملندي مان نه ڏيندس.”
برٽش لائبريري جي خفيه دستاويزن مطابق سنڌ جي گورنر ۽ وائسراءِ وچ ۾ پير صاحب جي خفيه دفن بابت هندستان کان ٻاهر توڙي بلوچستان جي علائقي جيواڻي ۾ دفن ڪرڻ جي سلسلي ۾ لکپڙهه هلندي رهي. وائسراءِ وٽ پير صاحب کي متبادل طور جيواڻي يا بلوچستان جي سامونڊي ڪناري سان اِسٽولا ٻيٽ تي دفن ڪرڻ جو ذڪر ته ملي ٿو پر ان تي اتفاق راءِ نظر نٿو اچي.
ٻئي پاسي ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي ڪتاب “Divisions of Mnemosyne” جي جُلد ٽي “The Web of Mnemosyne” ۾ لکي ٿو ته: “پير پاڳاري کي کي چرن ٻيٽ تي دفن ڪيو ويو هو. ممڪن آهي ته اها ڳالهه صحيح هجي، ڇاڪاڻ ته بيٺڪي انتظاميا اڳواٽ ئي اهڙو بندوبست ڪري ڇڏيو هو ۽ پير صاحب کي ڦاسي ڏيڻ واري واقعي کان يارهن مهينا اڳ ڪراچي ضلعي جي ڪمانڊر 17 اپريل 1942ع تي اعلان ڪيو هو ته چرن ٻيٽ هوائي فوج جي بمباري جي دائري اندر آهي.” اهڙي ريت انگريز عملدار مولسورٿ به پير صاحب جي اسٽولاٻيٽ تي دفن ٿيڻ جي ڳالهه ورجائي ٿو، ساڳي ئي ڳالهه مسٽر گلڪرائسٽ 23 آگسٽ 1943ع جي پنهنجي هڪ خفيه ٽيليگرام ۾ تحرير ڪئي آهي.
انگريز فوج سان ميجر جنرل جي عهدي تائين رهي رٽائرڊ ٿيندڙ وصال محمد خان “سنڌ ڪوارٽرلي” ۾ قسطوار لکيل مضمون ۾ آخرڪار، سورهيه بادشاهه جي قبر جي ڳجهه بابت اعتراف ڪندي لکي ٿو ته: “20 مارچ 1943ع تي 34 سالن جي ڄمار ۾ پير صاحب کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو ۽ سندس لاش کي ڳجهي نموني ايراني نار جي ڪنهن ٻيٽ ۾ دفن ڪيو ويو. پير صاحب شهادت ماڻڻ کان ٿورو اڳ چيو وڃي ٿو ته صرف هڪ ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو ته هُن کي تماڪ نوشي جي گناهه تي افسوس آهي. انهي اعتراف مان پتو پوي ٿو ته پير صاحب پڇاڙي تائين پاڻ کي بيگناهه سمجهندو رهيو.”
سانگهڙ سان لاڳاپيل اديب ۽ ليکڪ نواز ڪنڀر ان راءِ جو آهي ته سورهيه بادشاهه کي انگريزن طرفان خفيه طور بلوچستان جي مڪران واري علائقي “دجر ٻيٽ” ۾ دفن ڪيو ويو هو. ان لاءِ هو اڳوڻي پير پاڳاري شاهه مردان شاهه جي فرزند علي گوهر شاهه سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏئي ٿو. سندس چواڻي پير علي گوهر شاهه بلوچستان جي “اسٽولا ٻيٽ” تي پير صاحب جي تربت هجڻ کي رد ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته ليکڪ گل حسن ڪلمتي سورهيه بادشاهه جي قبر “اسٽولا ٻيٽ” تي هئڻ جي حق ۾ آهي. ان بابت هو حوالي طور مقامي ماڻهن جي راءِ کي اهم سمجهي ٿو.
مٿي ڄاڻايل سمورن حوالن، مفروضن ۽ ڳالهين هوندي 2008ع ڌاري زرعي ترقياتي بئنڪ جو رٽائرڊ ڪامورو ۽ ليکڪ نثار شيخ مون وٽ ڪهي آيو ۽ سندس لکڻي “سورهيه بادشاهه جي مزار ڪٿي آهي؟” جي عنوان هيٺ ڏيندي اهو ٻڌايائين ته ڪِڊني هِل ڪراچي ۾ موجود فرضي نالي بسم الله شاهه شهيد جي نالي سان مشهور درگاهه دراصل سورهيه بادشاهه جي ئي تُربت آهي. مون کانئس ان جي شاهدي طور ثبوت گهريا، جيڪي هو بعد ۾ کڻي آيو. انهن ڪاغذي ثبوتن مان هڪ ثبوت اهو هو ته ان درگاهه جي بجليءَ جو بل آڳاٽو سورهيه بادشاهه جي ننڍي فرزند پير نادر علي شاهه جي نالي تي نڪتل هو. هن چواڻي جڏهن سورهيه بادشاهه جا فرزند اڳوڻو پاڳارو شاهه مردان شاهه ۽ نادر علي شاهه هڪ معاهدي تحت واپس وطن موٽيا هئا، تڏهن کان هي قبر نادر شاهه جي حوالي هئي، هو پاڻ ان جو متولي هو. درگاهه جا سنڀاليندڙ به سندن طرفان رکيل هئا، نذراني جي پيتيءَ جون چاٻيون پڻ نادر شاهه وٽ رهيون، هن مزار تي اڏاوت پڻ ڪرائي هئي. هِن وقت درگاهه جو متولي نادر شاهه جو فرزند اڪبر شاهه راشدي آهي. جڏهن ته اڳوڻو پير پاڳارو شاهه مردان شاهه پنهنجي زندگيءَ ۾ رات جو هن مزار تي دعا گهرڻ پڻ ايندو هو. پاڳاري ڪٽنب جا سڀ ڀاتي به دعا لاءِ ايندا ويندا رهندا آهن.
سورهيه بادشاهه جي قبر ڪِڊني هل ڪراچي تي هجڻ جي دعويٰ شاهنواز جوڻيجي جي فرزند گل جوڻيجي (مرحوم) پڻ ڪئي هئي. ان حوالي سان پي ايڇ ڊي اسڪالر سانگهڙ جو نوجوان حامد علي مري ٻڌائي ٿو ته: “شاهنواز جوڻيجي جي فرزند گل جوڻيجي جو حُر تحريڪ تي ڪافي ڪم ٿيل هو. هن 2009ع ۾ اسانجي ڳوٺ ڄام نندو مري ۾ هڪ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو هو ته سورهيه بادشاهه جي قبر ڪِڊني هِل ڪراچي تي آهي، پاڳاري خاندان کي حقيقتن کي واضح ڪرڻ گهرجي.” مذڪوره نوجوان اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته: “سانگهڙ جي ڪيترن ئي جهونن حُرن واتان اُن هل بابت ئي ٻڌو اٿئون، حُر فقير اُتي دعا لاءِ به ويندا آهن ۽ پير ڳوٺ جي درگاهه وانگر ٽڪري تي چڙهڻ کان اڳ پير اگهاڙا ڪري درگاهه تائين ويندا آهن، اهو طريقو پير ڳوٺ جي درگاهه کانسواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي به نٿو ملي.”
انهي حوالي سان حقيقتون جاچڻ لاءِ آءٌ پاڻ به مزار تي ڪِڊني هِل ويس، اُتي موجود نگهبانن سان ڪچهريون ڪيون. سندن چوڻ هو ته پير نادر شاهه جي شروعاتي دور ۾ محمد حسين مڪراني نگهباني لاءِ مقرر هو، جنهن کي خرچ کاٻارو به نادر شاهه ڏيندو هو. ان جي لاڏاڻي کان پوءِ پير ڳوٺ جي گلو لاڙڪ کي مقرر ڪيو ويو. گلو کان پوءِ 1965ع ۾ سيوهڻ جي ننگر فقير باريچو کي نگهبان مقرر ڪيو ويو. اڄڪلهه سندس فرزند فقير علي نواز باريجو مقرر آهي، جنهن کي پڻ خرچ اڪبر شاهه راشدي ڏيندو آهي. مزار جي سنڀاليندڙ فقير علي نواز باريجي موجب پير پاڳاري خاندان جا ماڻهو وقت بوقت دعا لاءِ ايندا رهندا آهن، حُر فقير به ايندا ويندا رهندا آهن.
نه وسارڻ کپي ته مزار مٿان تعمير ٿيل پراڻي مقبري جي جاءِ تي هاڻي نئون مقبرو تعمير ٿي رهيو آهي. نثار شيخ موجب “اهو ڪم هاڻوڪي پير پاڳاري جي فرزند راشد شاهه جي نگراني ۾ هلي رهيو آهي. ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ممڪن آهي ته پير پاڳاري ڪٽنب طرفان سورهيه بادشاهه جي تُربت ڪِڊني هِل تي هجڻ جو شانائتي نموني اعلان ڪيو وڃي.” مزار تي سانگهڙ جي هڪ حُر فقير محمد آچر گجو سان پڻ ملاقات ٿي. هن جو پڻ اهو چوڻ هو ته اسان جو تعلق جيلسمير چوڪي سان آهي، اسان ورهين کان سورهيه بادشاهه جي مزار تي ايندا ويندا رهندا آهيون، اسان کي وڏڙن طرفان سندن تدفين جو هنڌ اهو ئي ٻڌايل آهي.
تاريخ ۾ واقعاتي شاهدين جي ڪيتري اهميت آهي؟ ان حوالي سان جڏهن ننڍي کنڊ جي وڏي تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي سان رابطو ڪيو ويو، تڏهن سندس چوڻ هو ته: “انگريز باغين جون قبرون گهڻو ڪري ميساري ڇڏيندا هئا ته جيئن اهي ڪنهن تحريڪ جو مرڪز نه بڻجي سگهن. ان ڪري سورهيه بادشاهه جي قبر کي به گمنام رکيو ويو. باقي تاريخ ۾ ٻيون شاهديون نه ملڻ جي صورت ۾ واقعاتي شاهديون به اهم هونديون آهن، انهن تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي.”
حُر تحريڪ تي ڪم ڪندڙ محقق، ليکڪ، برٽش لائبريري مان خفيه ڊاڪيومينٽ هٿ ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندڙ ۽ “Freedom at Gallows” نالي ڪتاب لکندڙ خادم حسين سومري پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ حُر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه بابت ڪافي تفصيل ڏنا آهن. خادم سومري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته: “سورهيه بادشاهه جا ٻئي فرزند اڳوڻو پاڳارو مردان شاهه ۽ نادر شاهه، هڪ معاهدي هيٺ پاڪستان آيا هئا، کين سورهيه بادشاهه جو ڪڏهن به نالو کڻڻ کان به منع ٿيل هئي. ڪِڊني هِل تي مزار هجڻ واري ڳالهه کي رد به نٿو ڪريان. ان سلسلي ۾ پاڳاري ڪٽنب کي چٽائي ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ آءٌ ميجر جنرل (رٽائرڊ) وصال محمد خان جي راءِ کي اهم سمجهان ٿو.”
قانون ۾ واقعاتي شاهدين جي جوڳي اهميت آهي يا نه؟ ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مشهور وڪيل غلام رسول سوهو ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته: “قانون ۾ واقعاتي شاهدين کي جج ۽ عدالتون تسليم ڪنديون آهن، ان لحاظ کان ڪيترين سزائن جا مثال پڻ موجود آهن. جيڪڏهن سورهيه بادشاهه جي تُربت جي حوالي سان واقعاتي شاهديون ملن ٿيون ته ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ انهن کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي.”
مشهور صحافي، محقق ۽ ليکڪ نصير اعجاز به سورهيه بادشاهه جي ڪِڊني هِل تي مزار هجڻ جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته: “انگريز جيئن ته ڊنل هئا تنهن ڪري انهن سورهيه بادشاهه جي آخري آرامگاهه جو اصل هنڌ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان حد تائين جو اسٽولا ٻيٽ بابت به خود انگريزن جي پنهنجي دستاويزن ۾ تضاد ملي ٿو، جنهن جو وڏو ثبوت وري پير علي گوهر شاهه کي برٽش لائبريري مان مليل فائيل آهي، جنهن موجب آخري آرامگاهه “دجر ٻيٽ” ڄاڻايل آهي. انهيءَ مان اهو گمان ٿئي ٿو ته انگريز ڏورانهين ٻيٽ جون ڳالهيون صرف حُر مجاهدن کي ٿيڙ ڏيڻ لاءِ ڪندا رهيا هئا ۽ اصل ۾ هنن سورهيه بادشاهه کي ڪراچيءَ جي ان وقت جي ويران ۽ ڏورانهين جهنگ ۾ ٽڪريءَ تي سپرد خاڪ ڪيو هو.”
اهو تاريخي راز جيڪو ورهين تائين ماڻهن جي دلين ۾ دفن هو، سو پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا وسيلي هڪ حقيقت طور ظاهر ٿي چڪو آهي. باوجود ان جي پاڳاري ڪٽنب طرفان اقرار يا انڪار جي ڪا ڳالهه اعلانيه طور سامهون ناهي آئي. جيڪڏهن ڪو معاهدو هيو به سهي ته اهو اڳوڻي پير پاڳاري شاهه مردان شاهه سان هو، هاڻوڪي پاڳاري سان نه. ٻئي پاسي سمورا مفروضا، ڏند ڪٿائون واقعاتي شاهدين سان نٿيون ملن. ڇو ته جن جن جاين جو ذڪر ملي ٿو اتي حُر فقير نه ته ڪڏهن حاضري لاءِ وڃن ٿا نه وري پاڳارو ڪٽنب انهن جي وارثي/مالڪي ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ بسم الله شاهه شهيد هڪ فرضي نالو آهي، جنهن جو قبر تي نه ڪتبو آهي نه وري شجرو ته ڪٿان آيو، ڪٿي شهيد ٿيو؟ جي اها قبر ڪنهن بسم الله شاهه جي هجي ها ته ان جا متولي به پنهنجا والي وارث هجن ها، پير پاڳارو ڪٽنب نه هجي ها. تنهن هوندي به هاڻوڪي پير پاڳاري پير صبغت الله شاهه (ٽيون) کي ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪندي واضح طور چٽائي ڪرڻ گهرجي، جيئن اهو ابهام دور ٿي سگهي. ايئن ٿيڻ سان تاريخ جي سمت درست ٿيڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهندي.