نواز ليگ پاران نيب ۽ مني لانڊرنگ سوڌو هر قسم جي قانونسازي لاءِ پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: نواز ليگ نيب ۽ مني لانڊرنگ سوڌو هر قسم جي قانونسازي لاءِ پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ن ليگ ايم اين اي خواجه آصف پرڏيهي وزير تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جي رهائشگاهه تي ٿيل ڳالهين کي پردي ۾ رکڻو هو، پرڏيهي وزير اُن جو تقدس نه رکيو، پي ٽي آءِ جو عروج ختم ۽ زوال اچڻ وارو آهي، نيب جو قانون اُنهن تي به لاڳو ٿيندو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب دوران خواجه آصف چيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۾ قبرن تي ڪمائـِي کي به شامل ڪيو وڃي، اسان سياسي مقصدن لاءِ ادارن کي استعمال ڪرڻ واري روايت ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.