وڏي وزير جي هدايت تي ناڻي کاتي پاران برسات جي ايمرجنسي لاءِ463ملين رپيا جاري

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي ناڻي کاتي پاران برسات جي ايمرجنسي لاءِ463ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان سلسلي ۾ وڏي وزير جو چوڻ آهي ته لوڪل گورنمينٽ کي هڪ تفصيلي ميپ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪوشش آهي ته سمورا نالا پڪا ڪيون ۽ انهن کي صاف رکون، نالن تي قبضا ڪيا ويا آهن، ان ڪري پاڻي ڪچري سبب نالا ڀريل آهن.