غمِ عاشقي تيرا شڪريه..استاد راحت فتح علي خان جي نئين گاني جون تياريون عروج تي پهچي ويون

ڪراچي: سرن جي سلطان استاد راحت فتح علي خان جي نئين رومانٽڪ گاني. غمِ عاشقي تيرا شڪريه جي ريليز ڪرڻ جو تياريون عروج تي پهچي ويون آهن ..گاني جي هڪ جهلڪ رليز ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي ان جي ڌم مچي وئي آهي، عالمي شهرت رکندڙ ڳائڻي استاد راحت فتح علي خان اردو جي ناليواري شاعره پروين شاڪر جي ڪلام کي گيت جي صورت ڏئي پنهنجي ٻڌڙن جون دليون کٽي ورتيون آهن، اڃان گاني جي هڪ جهلڪ جاري ٿيڻ تي ميوزڪ جي ديوانن جو صبر جواب ڏئي ويو آهي ۽ بي چيني ۽ بيقراري وڌي وئي آهي .دل جي تارن کي ڇيڙيندڙ ان گيت جي موسيقي نوجوان ميوزڪ ڊائريڪٽرڪامران اختر ترتيب ڏني آهي ،جڏهن ته عالمي شهرت رکندڙ ميوزڪ پروڊيوسر سلمان احمد ان کي شاندار انداز ۾ پروڊيوس ڪيو آهي، غمِ عاشقي تيرا شڪريه عيد الاضحيٰ تي رليز ٿي رهي آهي، اس موقع پر استاد راحت فتح علي خان چيو ته ڪورونا سان جيڪا زندگي گذري رهي آهي اها نهايت خطرناڪ آهي ، لاڪ ڊائون دوران سڀ کان وڌيڪ هن پنهنجي مداحن ۽ پيار ڪندڙن کي ياد ڪيو ۽ سڀني لاءِ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ انهن کي پنهنجي امان ۾ رکي ، هن چيو ته غم عاشقي تيرا شڪريه ان وقت ۾ ٺاهيو جڏهن اهو گيت هن جي مداحن لاءِ عيد جو تحفو ثابت ٿيندو