وفاقي حڪومت نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي تجويز ناهي ڏني: شفقت محمود

اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته  وفاقي حڪومت نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي ڪابه تجويز ناهي ڏني ۽ نئين مسودي ۾  واڌ جي لاءِ ڪوبه لفظ شامل ناهي ڪيو ويو.

رپورٽ موجب خانگي چينل جي پروگرام ۾ وفاقي وزير شفقت محمود جو انڪشاف سامهون اچي ويو. هن چيو ته ملازمت واري مدي ۾ واڏ بابت مسودو حڪومت جو نه هو ان ۾ ڪا غلطي  هوندي. ان حوالي سان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته شفقت محمود غلط چئي رهيو آهي حڪومت جي تجويز ڪيل شروعاتي مسودي ۾ نيب چيئرمين جي ملازمت  واري مدي ۾ واڌ جو نڪتو موجود هو.

اپوزيشن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا گوڙ ڪيو ته ان کي واپس ورتو ويو. گذريل ڏينهن نيب ۽ ايف اي ٽي ايف قانون ۾ ترميم جي حوالي سان حڪومت ۽ اپوزيشن تي ٻڌل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس بنا ڪنهن نتيجي تي پهتو. پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام جو 6 وڳي ٻيهر ٿيندو.

ٻئي طرف پارلياماني ڪميٽي قانونسازي ۾ حڪومت پنهنجن وڌيڪ 4 ميمبرن کي شامل ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ(ق) جو طارق بشير چيمه، ايم ڪيو ايم جو بيرسٽر سيف، بلوچستان عوامي پارٽي جو اسرار ترين ۽ وفاقي وزير حماد اظهر کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ڪميٽي جي ميمبرن جو انگ 24 مان وڌي 28 ڪيو ويو آهي.