پي سي بي سفيان مقيم کي اسڪواڊ مان فارغ ڪري معاذ صداقت کي شامل ڪيو
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپنر سفيان مقيم کي ٽي ملڪي سيريز جي اسڪواڊ مان فارغ ڪري معاذ صداقت کي ڪور طور شامل ڪيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپنر سفيان مقيم کي ٽي ملڪي سيريز جي اسڪواڊ مان فارغ ڪري معاذ صداقت کي ڪور طور شامل ڪيو آهي.
خيبر پختونخوا جي صحت کاتي صوبي ۾ منڪي پاڪس جي چئن ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ امن عامه آرڊيننس (ايم پي او) تحت حراست ۾ ورتل پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪئي آهي.
آزاد ڪشمير جي گادي واري هنڌ مظفرآباد جي ڀرسان هڪ جيپ جبل جي لاهي تان هيٺ ڪري پئي، جنهن ۾ ست ڄڻا مارجي ويا.
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ 'پرائيم منسٽر يوٿ ڪروم بڪس اسڪيم' جو افتتاح ڪيو جنهن تحت ٻن سالن ۾ شاگردن ۾ 5 لک ڪروم بڪس ورهايا ويندا. ان ۾ مدرسن جا شاگرد به شامل آهن ۽ خاندانن کي ڏنل ڊوائيسز سان مائي فائي انٽرنيٽ به ملندو.
واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) ديامر ڀاشا ڊيم منصوبي لاءِ 133 ارب رپين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن.
پاڪستان ريلويز تازن حادثن جي سلسلي کانپوءِ 31 ڊسمبر تائين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
جولاءِ کان سيپٽمبر جي ٽماهي ۾ خليجي ڀائيوار ملڪن سان پاڪستان جو واپاري خسارو 26 سيڪڙو گهٽجي 2 ارب 85 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو.
خيبر پختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس رستي ڪناري رکيل 20 ڪلوگرام وزني ديسي ساخت جو بم ناڪاره بڻائي ڇڏيو.
بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ اوٿل ويجهو مسافر ڪوچ ۽ مني بس وچ ۾ ٽڪر ۾ مرندڙن جو تعداد وڌي 15 ٿي ويو آهي.
بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد ۾ بجلي جي ترسيلي لائين جي ٽاور هيٺان ڌماڪي کانپوءِ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي.
شاداب خان پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ون ڊي سينچري ٺاهي پاڪستان کي انگلينڊ خلاف سنسني خيز هدف جي پيڇي ۾ فتح ڏياري ۽ ٽيم ٽي ملڪي سيريز جي فائنل ۾ پهچي وئي.