ڪراچي شرجيل ميمڻ يونيورسٽي روڊ تي ريڊ لائن بي آر ٽي جا يو ٽرن کولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي: (اربع: 04 نومبر 2026ع) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ يونيورسٽي روڊ تي ريڊ لائن بي آر ٽي جا يو ٽرن کولڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبن کي وقت تي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.
سينئر صوبائي وزير جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنه، پي ڊي ييلو لائن ڪمال دايو ۽ ٻيون اختياريون شريڪ ٿيون.
شرجيل ميمڻ چيو ته اميد آهي ته وڌيڪ ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسن جي کهيپ جلد ڪراچي پهچي ويندي. ڊبل ڊيڪر ۽ اليڪٽرڪ بسن جي آپريشن لاءِ روٽس، چارجنگ اسٽيشنز، ڊپو، بس اسٽاپ ۽ ٻين ٽيڪنيڪي، انتظامي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڏني ته آپريشنز ۽ سروسز سميت سمورن لاڳاپيل معاملن جي لاءِ جامع منصوبه بندي ڪئي وڃي. بسن جو تعداد وڌائڻ سان گڏوگڏ انهي جي روٽس ۽ آپريشنل نظام کي به موثر بنائڻ ضروري آهي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته ڊبل ڊيڪر ۽ اليڪٽرڪ بسون شهر جي انهن علائقن تائين پهچن جتي شهرين کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي وڌيڪ ضرورت آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b4%d8%b1%d8%ac%d9%8a%d9%84-%d9%85%d9%8a%d9%85%da%bb-%d9%8a%d9%88%d9%86%d9%8a%d9%88%d8%b1%d8%b3%d9%bd%d9%8a-%d8%b1%d9%88%da%8a-%d8%aa%d9%8a-%d8%b1%d9%8a%da%8a-%d9%84%d8%a7%d8%a6%d9%86-%d8%a8%d9%8a/






