Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪراچي

ڪراچي: پوليس جا مبينه 5 مقابلا، موٽر سائيڪل لفٽر مارجي ويو، 7 زخمين سميت 11 ڏوهاري گرفتار

شيئر ڪريو
ڪراچي: پوليس جا مبينه 5 مقابلا، موٽر سائيڪل لفٽر مارجي ويو، 7 زخمين سميت 11 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس پنج مبينه مقابلن جي دوران هڪ موٽر سائيڪل لفٽر کي مارڻ ۽ 7 زخمين سميت 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس گرفتار ۽ مارجي ويل ڏوهارين جي قبضي کان هٿيار، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ چوري ڪيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون. تفصيل موجب بوٽ بيسن پوليس اڱاري ۽ اربع جي رات اتوار بازار ڪلفٽن بلاڪ 2 جي ڀرسان مبينه  مقابلي کان پوءِ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سائوٿ مهزور علي جي ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ 40 ورهين جي منظور احمد ولد محمد رمضان جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته انهي جو ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جوابدار جي قبضي مان 9 ايم ايم پسٽل سان گڏ  گوليون، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي. زخمي  جوابدار کي طبي امداد جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

شاهراهه نور جهان پوليس اڱاري ۽  اربع جي وچ رات ناٿ ناظم آباد بلاڪ ٽي، ٽينڪي گرائونڊ جي ڀرسان مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن زخمين سميت چئن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سينٽرل عمران خان جي ترجمان موجب زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ 35 ورهين جي فيض عالم ولد محفوظ عالم ۽ 52 ورهين جي ذوالفقار بهاول جي نالي سان ٿي، جڏهن ته ٻين گرفتار جوابدارن پنهنجا نالا عبدالوحيد ولد محمد ساجد ۽ ڪاظم ولد فريد ميان ٻڌايا. جوابدارن جي قبضي کان 2 پستول، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ آيون.

پوليس موجب گرفتار جوابدار بين الصوبائي موٽر سائيڪل لفٽنگ گينگ جي  ڪارندا آهن  جيڪي شهر ۾ درجنين موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦرڻ جي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن. گزري پوليس اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات ڊفينس فيز 7 ۾ عائشه مسجد جي ڀرسان مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سائوٿ مهزور علي جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ 35 ورهين جي محمد احمد عرف راجه ولد محمد طفيل ۽ 40 ورهين جي ڪاشف علي عرف بانا ولد غلام حيدر جي نالي سان ٿي. جوابدارن جي قبضي مان 2 ٽي ٽي پستول، گوليون، موبائل فون روڪ رقم ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي زخمي جوابدارن کي طبي امداد جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. جوهر آباد پوليس اڱاري ۽ اربع جي رات فيڊرل بي ايريا بلاڪ 15 ۾ رياض آٽوز جي ڀرسان مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ محمد نعمان ولد اعجاز ۽ علي ولد محمد منهاج جي نالي سان ٿي. جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.

اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل جي  پوليس پارٽي اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات بغدادي جي علائقي موسيٰ لين ۾ ميرا پير مزار جي ڀرسان مبينه مقابلي جي دوران هڪ ڏوهاري کي ماري ڇڏيو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ 25 ورهين جي سيد اعزاز حسين شاهه ولد سيد طاهر حسين شاهه جي نالي سان ٿي، جوابدارن جي قبضي مان پستول، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ بغداد ٿاڻي جي حد مان چوري ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي.

پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ موٽر سائيڪل لفٽنگ سميت ٻئي نوعيت جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا. لاش ايدهي ايمبولينس جي ذريعي سول اسپتال منتقل ڪئي وئي. نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس اڱاري ۽ اربع جي رات سيڪٽر بي 5 ۾ صديق آباد قبرستان جي ڀرسان مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ 25 ورهين جي فريد احمد ولد عبدالمجيد ۽ 25 ورهين جي فراز ولد بخت زاده جي نالن سان ٿي. جوابدارن جي قبضي مان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. زخمي جوابدارن کي طبي امداد جي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%aa%d8%b1%d8%a7%da%86%d9%8a-%d9%be%d9%88%d9%84%d9%8a%d8%b3-%d8%ac%d8%a7-%d9%85%d8%a8%d9%8a%d9%86%d9%87-5-%d9%85%d9%82%d8%a7%d8%a8%d9%84%d8%a7%d8%8c-%d9%85%d9%88%d9%bd%d8%b1-%d8%b3%d8%a7%d8%a6/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون