Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪراچي

ڪراچي، بيٺل گاڏيءَ مان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ

شيئر ڪريو
ڪراچي، بيٺل گاڏيءَ مان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ

ڪراچي : ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ ايدهي قبرستان روڊ تي بيٺل ڪار مان نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، نوجوان جي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب آرپار زخم جو نشان موجود هو. پوليس موجب فوتي جي هٿ ۾ پڪڙيل پستول پڻ هٿ آيو آهي، جڏهن ته سندس سڃاڻپ شادمان ٽائون جي رهواسي سعد قاضي طور ٿي آهي. نوجوان جي گاڏيءَ تي گولين جا ٽي نشان پڻ موجود آهن، جڏهن ته فوتي وٽ مهانگو پستول به هو. پوليس جو چوڻ آهي ته سعد هڪ خانگي ڪمپنيءَ ۾ ملازم هو ۽ سندس گاڏي به هڪ خانگي بئنڪ جي نالي تي رجسٽرڊ آهي. لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪرائم سين يونٽ ۽ پوليس ٽيم واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري رهي آهي. شروعاتي جاچ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته واقعو رات اٺين وڳي ڌاري پيش آيو.

ٽيگ:
شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%aa%d8%b1%d8%a7%da%86%d9%8a%d8%8c-%d8%a8%d9%8a%d9%ba%d9%84-%da%af%d8%a7%da%8f%d9%8a%d8%a1%d9%8e-%d9%85%d8%a7%d9%86-%d9%86%d9%88%d8%ac%d9%88%d8%a7%d9%86-%d8%ac%d9%88-%da%af%d9%88%d9%84%d9%8a-%d9%84/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون