بيسٽ وي پاڪستان ۾ جيلي آٽو متعارف ڪرائي، ٻه برقي گاڏيون شامل
بيسٽ وي گروپ چيني ڪار ساز ڪمپني جيلي آٽو کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو آهي ۽ ٽي ماڊل پيش ڪيا آهن جن ۾ ٻه مڪمل برقي گاڏيون شامل آهن.
بيسٽ وي گروپ چيني ڪار ساز ڪمپني جيلي آٽو کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو آهي ۽ ٽي ماڊل پيش ڪيا آهن جن ۾ ٻه مڪمل برقي گاڏيون شامل آهن.
پوليو خلاف وزيراعظم جي صلاحڪار ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جو عزم ظاهر ڪيو آهي، هن سال ڪيسن جو تعداد ست ٿي چڪو آهي.
ڪراچي جي سول سوسائٽي تنظيمن قيوم آباد کان ڪراچي پورٽ تائين ايليويٽڊ ڪوريڊور ٺاهڻ جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته هو ايندڙ مهيني لاهور ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، پر کيس شڪ آهي ته بي جي پي جي مرڪزي حڪومت کيس وڃڻ ڏيندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپنر سفيان مقيم کي ٽي ملڪي سيريز جي اسڪواڊ مان فارغ ڪري معاذ صداقت کي ڪور طور شامل ڪيو آهي.
خيبر پختونخوا جي صحت کاتي صوبي ۾ منڪي پاڪس جي چئن ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ امن عامه آرڊيننس (ايم پي او) تحت حراست ۾ ورتل پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪئي آهي.
آزاد ڪشمير جي گادي واري هنڌ مظفرآباد جي ڀرسان هڪ جيپ جبل جي لاهي تان هيٺ ڪري پئي، جنهن ۾ ست ڄڻا مارجي ويا.
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ 'پرائيم منسٽر يوٿ ڪروم بڪس اسڪيم' جو افتتاح ڪيو جنهن تحت ٻن سالن ۾ شاگردن ۾ 5 لک ڪروم بڪس ورهايا ويندا. ان ۾ مدرسن جا شاگرد به شامل آهن ۽ خاندانن کي ڏنل ڊوائيسز سان مائي فائي انٽرنيٽ به ملندو.
واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) ديامر ڀاشا ڊيم منصوبي لاءِ 133 ارب رپين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن.
پاڪستان ريلويز تازن حادثن جي سلسلي کانپوءِ 31 ڊسمبر تائين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
جولاءِ کان سيپٽمبر جي ٽماهي ۾ خليجي ڀائيوار ملڪن سان پاڪستان جو واپاري خسارو 26 سيڪڙو گهٽجي 2 ارب 85 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو.