Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪراچي

ڪراچي: منگهو پير روڊ ڀرسان ٻه ماڙ عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو، هڪ ڄڻو فوت 4 زخمي

شيئر ڪريو
ڪراچي: منگهو پير روڊ ڀرسان ٻه ماڙ عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو، هڪ ڄڻو فوت 4 زخمي

ڪراچي: منگهو پير روڊ ڀرسان ٻه ماڙ عمارت جو هڪ حصو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.

ڪراچي جي علائقي نيا ناظم آباد منگهو پير روڊ جي ڀرسان ٻه ماڙ عمارت جو هڪ حصو ڪرڻ  سبب هڪ شخص فوت جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي واري هنڌ تي ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، ملبي هيٺيان وڌيڪ ڪنهن به شخص جي دٻيل هجڻ جو امڪان نه آهي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو  نوٽيس وٺندي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، وڏي وزير چيو ته حادثي جي سببن ۽ ڪوتاهي کان فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%aa%d8%b1%d8%a7%da%86%d9%8a-%d9%85%d9%86%da%af%d9%87%d9%88-%d9%be%d9%8a%d8%b1-%d8%b1%d9%88%da%8a-%da%80%d8%b1%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d9%bb%d9%87-%d9%85%d8%a7%da%99-%d8%b9%d9%85%d8%a7%d8%b1%d8%aa/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون