Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

اڄ وڪيٽون وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين: محمد عباس

شيئر ڪريو
اڄ وڪيٽون وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين: محمد عباس

راولپنڊي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار فاسٽ بالر محمد عباس چيو آهي ته سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن پهرين سيشن ۾ وڪيٽون وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي.راولپنڊي ۾ سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن راند ختم ٿيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد عباس چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٻئي ٽيمون ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنديون آهن.هن چيو ته سريلنڪا جا بيٽر تجربيڪار آهن ۽ انهن سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو آهي.محمد عباس راولپنڊي جي ڪرڪيٽ شوقينن کي اپيل ڪئي ته اهي اسٽيڊيم پهچي ٽيم جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم اڳ به ۽ هاڻي به بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%da%84-%d9%88%da%aa%d9%8a%d9%bd%d9%88%d9%86-%d9%88%d9%ba%da%bb-%d8%ac%d9%8a-%da%80%d8%b1%d9%be%d9%88%d8%b1-%da%aa%d9%88%d8%b4%d8%b4-%da%aa%d9%86%d8%af%d8%a7%d8%b3%d9%8a%d9%86-%d9%85%d8%ad%d9%85/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون