براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

وزيراعظم پاران ايم اين ايز کي فنڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ پاران بينچ قائم

اسلام آباد: وزيراعظم پاران ايم اين ايز کي فنڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي جسٽس قاضي فائز جي نوٽيس تي سپريم ڪورٽ بينچ قائم ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد ايم اين ايز فنڊز بابت ٻڌڻي لاءِ بينچ جوڙي ورتي.سپريم ڪورٽ جي بينچ سڀاڻي هڪ…

مارچ ۾ لانگ مارچ ضرور ٿيندو، آبپاره ۽ ڊي چوڪ تي حساب وٺنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم چوي ٿو ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي، باقي کيس سنڌ جا ٻيٽ، گئس، ٽيڪس ۽ ٻيا وسيلا گهرجن، ڪو به وزيراعظم اهڙي قسم جي ٻولي نٿو ڳالهائي سگهي، مارچ ۾ لانگ مارچ ضرور ٿيندو، آبپاره ۽ ڊي چوڪ تي…

وفاقي سرڪار ملازمن جي 40 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي سرڪار سرڪاري ملازمن جي 40 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي،سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪورونا وبا ۽ ويڪسينيشن بابت…

حڪمران ته ڇا پر نيب جو پيءُ به اسان جو احتساب نٿو ڪري سگهي: فضل الرحمان

حيدرآباد: وزيراعظم ٻڌي ڇڏ، اسان جو احتساب نٿو ڪري سگهين، نيب کي سياستدانن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پر ٻڌي ڇڏيو،حڪمران ته ڇا پر نيب جو پيءُ به اسان جو احتساب نٿو ڪري سگهي، 26 مارچ تي لانگ مارچ اسلام آباد ڏانهن ايندو، حڪومت ۽ نيب کي بيوس…

ڪي اليڪٽرڪ بجلي هڪ روپيو چوويهه پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون

ڪراچي: ملڪ کي سڀني کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ  شهر جي رهواسين تي نئون بجلي بم  ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جنهن جي تحت ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي 3 روپيه 24 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو امڪان آهي. ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري

سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي سمورن ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي سمورن ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته وفاقي وزير ٻڌائن ته اسٽيل ملاز جو ڇا ڪرڻو آهي، رڳو پئسا ضايع ٿين پيا، پيداوار واري سيڪريٽري کي ڪا به خبر نه

پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل جنگي مشقن جي شروعات ٿي وئي

راولپنڊي: پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل جنگي مشقن اناترڪ اليون جي شروعات ٿي وئي آهي ٻنهي ملڪن  جي فوجي دستن وچ ۾ هي جنگي مشقون 3 هفتا جاري رهنديون. پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل جنگي مشقون (اناترڪ اليون) جي افتتاحي تقريب اسپيشل سروسز هيڊ ڪوارٽرز

سنڌ حڪومت پاران چين کان ڪورونا ويڪسين جا 2 ڪروڙ ڊوز خريد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران چين کان ڪورونا ويڪسين جا 2 ڪروڙ ڊوز   (خوراڪ ) خريد ڪرڻ جو فيصلوڪيو ويو ، ان ڏس ۾ صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چين جي قونصل جنرل لي بيجن سان ملاقات ڪري ڪورونا ويڪسين ۽  صحت جي سهوليتن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات

پنجاب جَي وڏي وزير جِي خصوصي معاون جي، ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ملاقات

اسلام آباد : پنجاب جَي وڏي وزير جِي خصوصي معاون ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ملاقات ڪئي آهي ، فروس عاشق اعواڻ ميجر جنرل بابر افتخار سان ملاقات واري تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي، فرودس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ

اسلام آباد ۾ وڪيلن جاغيرقانوني چئمبر ڪيرائڻ واري معاملي تي ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار

اسلام آباد : اسلام آباد ۾ وڪيلن جا غيرقانوني چئمبر ڪيرائڻ واري معاملي تي ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي ، سي ڊي اي ايف ايٽ ڪچهري ۾ وڪيلن جا وڌيڪ چئمبرز ڊاهي پٽ ڪرڻ جا نوٽيسز لڳائي ڇڏيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران پوليس ۽ رينجرز جي اضافي