فلوٽيلا جي مسافرن سان اسرائيل جو توهين آميز سلوڪڪراچي(ويب ڊيسڪ)فلوٽيلا “صمود” ۾ شامل وڌيڪ 29 ڪارڪنن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو آهي ته اڃا تائين 450 کان وڌيڪ گرفتار ٿيل ڪارڪنن مان 170 کي واپس موڪليو ويو آهي. اسرائيل مان ڊي پورٽ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن امدادي ڪارڪن پنهنجن ملڪن ۾ واپس پهتا، تڏهن هنن اسرائيلي حراست دوران ظلم ۽ زيادتين جا انڪشاف ڪيا. امدادي ڪارڪنن چيو ته جڏهن هو اٽلي موٽيا، تڏهن هو ٻڌائيندا رهيا ته اسرائيلي فوج ۽ پوليس نه رڳو انهن کي هراساں ڪيو پر دوائن کان به محروم رکيو ويو. اطالوي ڪارڪن سيزر توفاني روم پهچڻ تي ٻڌايو: “اسان سان تمام خراب سلوڪ ڪيو ويو، فوج کان پوءِ پوليس جي هٿان به ذلت ۽ هراسانين جو نشانو بڻجڻو پيو.” اٽلي ۾ اسلامي ڪميونٽيز يونين جي صدر چيو ته: “اسان سان پرتشدد رويو اختيار ڪيو ويو ۽ اسان ڏانهن بندوقون تاڻيون ويون.” هڪ ٻئي فلوٽيلا ڪارڪن ٻڌايو ته اسرائيلي فوج پهرين انهن جا ٻئي هٿ ٻڌي ڇڏيا ۽ پوءِ 6 ڪلاڪ برفيلي ڪمري ۾ قيد رکيو، جڏهن ته صحافي هجڻ جي ڪري انهن سان وڌيڪ سخت ورتاءُ ڪيو ويو. اطالوي صحافي ساويريو توماسي ٻڌايو ته قيد دوران ڪارڪنن کي توهين آميز رويو برداشت ڪرڻو پيو، جيتوڻيڪ انهن ۾ عالمي ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ، نيلسن منڊيلا جو پوٽو، ۽ يورپي پارليامينٽ جا ميمبر به شامل هئا. هڪ ٻئي اطالوي صحافي لورينزو ڊي آگوستينو انڪشاف ڪيو ته اسرائيلي اختيارين انهن جو سامان ۽ رقم ضبط ڪري ورتي. ياد رهي ته غزه لاءِ امداد کڻي ويندڙ “گلوبل صمود فلوٽيلا” جي 450 کان وڌيڪ امدادي ڪارڪنن کي اسرائيلي بحريه گرفتار ڪيو هو. مزید پڑھیں