ايران تان هٿيارن جي پابندي ختم ٿي ته ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي؛ آمريڪا

لنڊن: آمريڪا جي خاص سفير برائن هوڪ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران تان هٿيارن جي پابندي ختم ڪئي وئي ته شام ۽ ٻين ملڪن ۾ جاري تڪرار شدت اختيار ڪري ويندا.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايران تي لاڳو ڪيل پابنديون هن سال آڪٽوبر ۾ ختم ٿيڻ واريون آهن. آمريڪا عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته پابندي کي وڌايو وڃي. بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران تي پابندي نه وڌائي وئي ته اهو وچ اوڀر ۾ امن ۽ سلامتي کي سخت نقصان پهچائيندو.
آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته ايران کي روايتي هٿيار خريد ڪرڻ يا وڪرو ڪرڻ نه ڏنا وڃن.