نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار علي کي عهدي تان هٽايو ويو

اسلام آباد نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار علي کي عهدي تان هٽايو ويو، نادرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيئرمين نادرا پاران ڊائريڪٽر جنرل کي فوري طور تي انتظامي توڙي مالي ذميوارين تان هڪدم آجو ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊائريڪٽر جنرل جي برطرفي جو فيصلو مجاز اختياري جي اجازت سان ڪيو ويو آهي.