پشاور جي وڌيڪ 2علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو

پشاور: عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي شهر جي وڌيڪ ٻن علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ڊپٽي ڪمشنر پشاور ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته اڄ ٻنپهرن جو 4 وڳي کان زرياب ڪالوني ۽ فقير گهٽي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو وينندو.

پشاور جي ڊپٽي ڪمشنر موجب لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هوندي. رپورٽ موجب لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ کائڻ پيئڻ واريون شيون، ميڊيڪل اسٽور، جنرل اسٽور ۽ تندور جون دڪانون کليل رهنديون.

ڊپٽي ڪمشنر پشاور موجب مسجدن ۾ صرف پنج ماڻهن کي باجماعت نماز پڙهڻ جي اجازت هوندي. ضلعي انتظاميه ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته اسمارٽ لاڪ ڊائون بابت علائقي جي ميجسٽريٽ ۽ پوليس کي مڪمل عمل ڪرائڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

پشاور جي ڊپٽي ڪمشنر واضح چيو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي