ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران حادثن ۽ واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت

ڪراچي : ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران حادثن ۽ واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪريم آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 49ورھين جو مرزا ولد رحمان فوت ٿي ويو، همدرد يونيورسٽي ۽ ال آصف وٽ ڌار ڌار حادثن ۾ سليم سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ٻئي پاسي ڪارساز وٽ بجلي جي تار ڪرڻ سبب موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو.