اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جا بهتر نتيجا سامهون اچڻ لڳا. ڪورونا ڪيسن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي.
اسلام آباد جي ٽن علائقن ۾ جاري لاڪ ڊائون اڄ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي سيڪٽر 6 ون، جي 6 ٽو ۽ جي 7 ٽو کي اڄ ڊي سيل ڪيو ويندو.
ٽنهي علائقن کي 14 ڏينهن اڳ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ تي سيل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 37 هزار 489 تائين پهچي ويو آهي.
جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 83 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 4 هزار 922 ٿي ويو آهي