ايف آءِ اي جو متحده جي باني خلاف ايڪشن، ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: ايف آءِ اي جو متحده جي باني خلاف ايڪشن، ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي پاران متحده باني جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ لاءِ اي ٽي سي ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته عدالت متحده باني کي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته باني متحده، افتخار حسين، محمد انور ۽ ڪاشف کي عدالت عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، چار ئي جوابدار ڄاڻي واڻي روپوش آهن، چئني جوابدارن جون جائيدادون ضبط ڪيون وڃن.