پاڪستاني رانديگر انگلينڊ کان اڳ هڪ ٻئي جي طاقت آزمائيندا

لاهور: پاڪستاني رانديگر انگلينڊ کان اڳ ۾ هڪ ٻئي جي طاقت آزمائيندا،هوڏانهن مينجمينٽ 12جولاءِ تائين جي مصروفيتن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. قومي ڪرڪيٽرزجي ووسٽرز ۾ مصروفيتن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي ،مختلف سيشنز ۾ بيٽنگ ، بالنگ ۽ فيلڊنگ پريڪٽس جو سلسلو جاري رهندو ، ان دوران 5 ۽ 6 جولاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڪيٽر پاڻ ۾ ٻن ڏينهن واري ميچ کيڏندا يارهن ۽ ٻارهن جولاءِ تي ٻيو پريڪٽس مقابلو ٿيندو .ڪورنٽينا جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ 13 جولاءِ تي مهمان اسڪواڊ ڊربي شائر پهچي ٽيسٽ سيريز جون تياريون جاري رکندو.