ڊي آءِ خان ۾ آپريشن ،ميجر سبطين شهيد،7 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي: ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پاڪ فوج جو ميجر سبطين شهيد ٿي ويو، پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو، جنهن ۾ ڀارتي حمايت يافته خارجين جي موجودگي جي اطلاع ملي هئي، آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڀارتي حمايت يافته خارجي مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب خارجين سان سخت فائرنگ جي تبادلي ۾ اڳيان کان اڳواڻي ڪندڙ ميجر سبطين حيدر شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب، 30 سالن جي شهيد ميجر سبطين حيدر جو تعلق ضلعي ڪوئيٽا سان هو.

7 foreigners were killedMajor Sabtain martyredOperation in DI Khan