ڪراچي: صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي جي بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجود سياسي صورتحال سميت سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ٿيون. صدر آصف زرداري وفاقي گهرو وزير کي موجوده صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ملاقات بلاول هائوس، ڪراچي ۾ ٿي، جتي صدر گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته موجوده سياسي صورتحال ۾ ڪردار ادا ڪن. آصف زرداري ۽ محسن نقوي اتحادي پارٽين جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ جاري ”ڳالهين جي جنگ“ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جي اهم ملاقات به هن هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي