گلگت بلتستان ۾ گليشيئرز ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جو خطرو، نئون الرٽ جاري

پشاور: گلگت بلتستان ۾ گليشيئرز ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي نئون الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق جو چوڻ آهي ته موسميات کاتي ڪجهه ڏينهن ۾ گلگت بلتستان ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جنهن سبب گلگت بلتستان حڪومت برسات جي نئين اسپيل بابت آگاهي جاري ڪري ڇڏي آهي. فيض الله فراق جو چوڻ آهي ته برساتن جي نئين اسپيل ۾ گليشيئرز ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ، ٻوڏ ۽ روڊن جي بندش جو خطرو آهي، انهي ڪري سياح غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، مقامي آبادي هيٺاهين  وارن علائقن جو رخ نه ڪري

گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورن ضلعن ۾ ڪنٽرول رومز قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته شاهراهه بابو سر تي گم ٿي ويل سياحن جي ڳولا ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. فيض الله فراق موجب گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، وفاقي حڪومت سان گڏجي ٻوڏ متاثرين جي نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو.

Glaciers burstinglandslides and floods in Gilgit-Baltistan