اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف کنڊ مافيا خلاف ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ذريعي پهريون وڏو وار ڪيو آهي پر مافيا به جوابي حملو ڪندي ملڪي مارڪيٽ کي نشانو بنايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. اها صورتحال نئين معاشي بيچيني کي جنم ڏئي رهي ۽ حڪومت جي ارادن کي سخت آزمائش ۾ وجهي رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جنهن جي پنهنجي خاندان جي کنڊ جي صنعت سان پراڻي وابستگي رهي آهي انهي سياسي ۽ مالي حوالي سان مضبوط سمجهي ويندڙ انهي شعبي سان ٽڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. کنڊ مافيا جي خلاف وزيراعظم جو عوامي موقف حيران ڪندڙ سان گڏوگڏ اميد جي روشني به لڳي ٿو. جيڪڏهن ايف بي آر شوگرملز طرفان کنڊ جي وڪرو کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۽ انهي سان ٽيڪس وصولي ۾ رڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر صارفين جي سطح تي انهي جا اثر ابتڙ آهن.
ريٽيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جون قيمتون وڌي ويون آهن جنهن سان روينيو ريڪوري مهم مان حاصل ٿيندڙ ڪنهن به سياسي نيڪ نيتي جا اثر بنا ڪنهن نتيجي وڌي ويا آهن ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ اهو اضافو اتفاق تائين محدو نه آهي. شهباز شريف جي اڳوڻي حڪومت جي اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جيڪو هن وقت حڪومت ۽(ن) ليگ سان اختلاف رکي ٿو انهي جي باري ۾ هڪ بيان ڏنو آهي. ڏٺو وڃي ته هن شهباز شريف سان گڏ ڪم دوران پنهنجي تجربي مان اهو انڪشاف ڪيو ته وزيراعظم کنڊ مافيا جي دٻاءُ اڳيان گوڏا نه کوڙيا پر هن مفتاح کي نجي طور تي چيو ته کنڊ برآمد ٿيڻ نه ڏيو.