بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان فلم جي شوٽنگ دوران زخمي

ممبئي : بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان پنهنجي فلم ‘ڪنگ’ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو. ڀارتي ميڊيا موجب، شاهه رخ خان ممبئي ۾ فلم “ڪنگ” جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو، جنهن کان پوءِ کيس علاج لاءِ آمريڪا موڪليو ويو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب شاهه رخ خان جي پٺي جي زخم سنجيده نه آهي پر ڊاڪٽرن کيس هڪ مهيني تائين آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. رپورٽن موجب شاهه رخ خان جي فلم ڪنگ جي شوٽنگ گذريل سال کان جاري آهي، جيڪا ايندڙ سال رليز ٿيندي. فلم ۾ بالي ووڊ بادشاهه جي ڌيءَ سوهانا خان ۽ اڀيشڪ بچن پڻ شامل آهن.