فيول چارجز ۾ گهٽتائي، بجلي صارفين کي رليف ملڻ جو امڪان

اسلام آباد: بجلي جي صارفين کي آگسٽ ۾ ايندھن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ڪري رليف ملڻ جو امڪان آهي.بجلي جي پيداوار ۾ پن بجلي جو حصو سڀ کان وڌيڪ 39 سيڪڙو هو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايٽمي بجلي مهانگي ٿي وئي ۽ گهٽجي وئي، ڊيزل بجلي جي پيداوار صفر رهي، آر ايف او سڀ کان مهانگو ذريعو رهيو.ايل اين جي ۽ درآمد ٿيل ڪوئلو مهانگو ٿي ويو، ايٽمي بجلي جي قيمت ۾ 60 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، پيداوار 30 سيڪڙو گهٽجي وئي. آگسٽ 2025 جي بجلي جي بلن ۾ صارفين کي 0.654 رپيا في يونٽ رليف ملڻ جو امڪان آهي، جيڪو جون 2025 ۾ فيول چارجز ۾ گهٽتائي جي ڪري آهي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن تي 30 جولاءِ تي عوامي ٻڌڻي ڪئي ويندي. جون ۾، 13,744 گيگا واٽ ڪلاڪ بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن جي سراسري قيمت 7.87 رپيا في يونٽ هئي، ۽ صارفين کي 13,310 گيگا واٽ ڪلاڪ بجلي 7.68 رپيا في يونٽ تي فراهم ڪئي وئي. في يونٽ قيمت گذريل سال جي مقابلي ۾ گهٽجي وئي آهي.

Reduction in fuel charges