سوات سانحو، سياحت کاتي جي غلطين ۽ ڪوتاهين جو انڪشاف

پشاور: سوات سانحي بابت انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ سياحت کاتي جي غلطين ۽ ڪوتاهين جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. انڪوائري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سانحي جي ڏينهن سياحت کاتي جو ڪوبه اهلڪار موجود ئي نه هو، قانوني ذميواري جي باوجود ڪلچر، ٽورازم اٿارٽي سياحتي علائقن ۾ هوٽل لائسنسنگ ۾ ناڪام رهيا، ڪلچر، ٽورازم اٿارٽي هوٽلن جي رجسٽريشن ۾ به مڪمل طور تي ناڪام رهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فضا گهٽ جهڙي سياحتي هنڌ تي ٽوازم پوليس موجود نه هئي، جڏهن ته سياحن لاءِ مقرر هيلٿ لائين 1422به غيرفعال آهي، عوام کي هيلپ لائن جي باري ۾ آگاهي ئي نه آهي.انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو ضلعي ته ضلعي سطح تي ڪنهن به قسم جي سياحتي آگاهي يا سهولت سينٽر موجود نه هو، ٽريول ايجنٽس ضلعي ۾ بنا ڪنهن نگراني جي ڪم ڪري رهيا آهن، ٽورازم اٿارٽي ايونٽ مينجمينٽ کي ترجيح ڏيندي سياحن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سياح جنهن هوٽل ۾ ترسيل هئا، اها بنا اين او سي جي درياءَ تي جي ڪناري تي قائم ڪيو ويو هو، هوٽل جي انتظاميه طرفان سياحن لاءِ ڪنهن به قسم جو وارننگ بورڊ نه لڳايو ويو هو، ٻوڏ صورتحال جي باوجود سياحن کي درياءَ طرفان وڃڻ کان نه روڪيو ويو.انڪوائري رپورٽ ۾ قيمتي حياتي جي نقصان تي هوٽل انتظاميه جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته سياحتي هنڌن تي هوٽل ۽ گيسٽ هائوسز لاءِ لائسنسنگ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي ۽ سياحتي هنڌ تي ٽورازم پوليس جي هر وقت مقرري کي يقيني بنايو وڃي.رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته سياحتي هنڌ تي سهولت سينٽرز قائم ڪيا وڃن ۽ ميڊيا جي ذريعين سياحن کي حفاظتي تدبيرون ۽ آگاهي ڏيڻ جي مهم شروع ڪئي وئي. انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلز انتظاميه کي سانوڻي جي موسم دوران سيزنل ڪمپلائنٽس سرٽيفڪيٽ وٺڻ جو پابند بنايو وڃي، سمورن غير رجسٽرڊ ٽريول ايجنٽس جي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.رپورٽ ۾ ذميوار آفيسرن جي خلاف 30 ڏينهن ۾ محڪماڻي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته سياحتي هنڌ انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ سياحت کاتي طرفان ڊي جي سياحت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلز ۽ گيسٽ هائوسز جي لائسنسنگ سسٽم بابت 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. سمورن سياحتي هنڌن ۾ ٽورازم پوليس کي مقرر ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. صوبي جي اندر ۽ ٻاهر ٽريول ايجنٽس کي ريگوليٽ ڪيو وڃي. ٽريول ايجنٽس کي پابند ڪريو ته سياحن بابت سيفٽي پروٽوڪول تي عمل ڪيو وڃي.

Swat Tragedy