اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 4 اهم انتظامي ڪميٽين جي جوڙجڪ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر پاران چار اهم انتظامي ڪميٽيون ٺاهيون ويون. جسٽس طارق جهانگيري ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي مشتمل هڪ لائبريري ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سمن رفعت امتياز تي مشتمل هڪ لا ڪلارڪس ڀرتي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس اعظم خان تي مشتمل هڪ سليڪشن بورڊ ٺاهيو ويو آهي. هي چونڊ بورڊ 16 هين گريڊ ۽ ان کان مٿي جي لاءِ ڀرتي ڪندو. جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس انعام امين منهاس تي مشتمل هڪ ڊپارٽمينٽل اپيل ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي.