جماعت اسلامي جو اڳوڻو امير سيد منور حسن لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي :جماعت اسلامي جو اڳوڻو امير سيد منور حسن ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس 3 هفتا اڳ طبيعت خراب ٿيڻ سبب ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، سيد منور حسن جو ڪٽنب 1947ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ دهلي کان ڪراچي پهتو، هُن شاگردي واري دور ۾ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي پليٽ فارم تان سياسي جهان ۾ پير پاتو ۽ 1959ع ۾ فيڊريشن جو صدر ٿيو، سيد منور حسن 1960ع ۾ اسلامي جميعت طلبا ۾ شموليت اختيار ڪئي، هو جماعت اسلامي جو چوٿون امير به ٿيو هو، وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻين سياسي توڙي مذهبي شخصيتن طرفان سيد منور حسن جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.