تهران: اسرائيل ايران تي هڪ وڏو حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ايراني هٿياربند فوج جي سربراهه ميجر جنرل محمد باقري، ايراني انقلابي گارڊز جي سربراهه ميجر جنرل حسين سلامي ۽ 6 ايٽمي سائنسدان شهيد ٿي ويا آهن. اسرائيل حملي ۾ ايران جي ايٽمي ۽ فوجي مرڪزن کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ ڪيو آهي، جڏهن ته ايراني ميڊيا موجب حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 5 شهري شهيد ۽ 50 زخمي ٿيا آهن.
ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي حڪومت ايران تي رات جي وقت حملن سان پنهنجي تلخ ۽ ڏکوئيندڙ قسمت تي مهر لڳائي ڇڏي آهي.
برطانوي نيوز ايجنسي رائٽرز موجب، اسرائيل چيو ته هن جمعي تي ايران جي ايٽمي سهولتن، بيلسٽڪ ميزائل فيڪٽرين ۽ فوجي ڪمانڊرن کي نشانو بڻايو، خبردار ڪيو ته هي هڪ ڊگهي آپريشن جي شروعات آهي جنهن جو مقصد تهران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ آهي
ايراني ميڊيا ۽ شاهدن مختلف هنڌن تي ڌماڪن جي رپورٽ ڏني، جنهن ۾ نطنز ۾ ملڪ جي مکيه يورينيم افزودگي جي سهولت به شامل آهي، جڏهن ته اسرائيل ممڪن ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن جي خدشي تي هنگامي حالت جو اعلان ڪيو.
ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي ارنا تصديق ڪئي آهي ته ايران جي هٿياربند فوج جي سربراهه ميجر جنرل محمد باقري ۽ انقلابي گارڊز جي چيف ڪمانڊر ميجر جنرل حسين سلامي تهران تي اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويا آهن.
ايراني نيوز ايجنسي ارنا پڻ ايراني ايٽمي سائنسدان ۽ اسلامي آزاد يونيورسٽي جي صدر محمد مهدي تيرانچي، مشهور ايٽمي سائنسدان ۽ ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم جي اڳوڻي سربراهه فريدون عباسي ۽ خاتم الانبياء هيڊ ڪوارٽر جي ڪمانڊر ميجر جنرل غلام علي راشد جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي.
رائٽرز نيوز ايجنسي موجب اسرائيلي حملي ۾ ڇهه ايراني ايٽمي سائنسدان به شهيد ٿيا، جڏهن ته ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جو خاص صلاحڪار ۽ پاسداران انقلاب جو ڪمانڊر علي شمخاني پڻ سخت زخمي ٿيو.
فرانسيسي نيوز ايجنسي اي ايف پي جي مطابق، ايراني مهر نيوز ايجنسي چيو آهي ته اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايٽمي سائنسدانن ۾ عبدالحميد منوچهر، احمدرضا ذولفقاري، امير حسين فقيه، متبلي زاده، محمد مهدي تهرانچي ۽ فريدون عباسي شامل آهن