اسلام آباد: پاڪستان روئنگ ٽيم ايشيئن انڊور روئنگ چيمپئن شپ ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ايونٽ 26 مئي کان 31 مئي تائين ٿائي لينڊ جي شهر پتايا ۾ منعقد ٿيو. ايشيئن انڊور روئنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان 10 سون، 3 چاندي ۽ 1 پتل جا تمغا کٽيا. پاڪستاني ٽيم ۾ رانديگرن جي محدود انگ باوجود، پاڪستان روئنگ ٽيم ڀارت، ايران، ٿائي لينڊ، ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان کي پوئتي ڇڏي، عالمي سطح تي پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ فضائن ۾ قومي ترانو ٻڌرايو. هن ايونٽ ۾ پنجويهن ملڪن حصو ورتو. پاڪستان روئنگ فيڊريشن ۽ شهرين، چيمپئنز جي واپسي تي لاهور ۾ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو. فيڊريشن ۽ شهرين حڪومت پنجاب ۽ حڪومت پاڪستان کان اپيل ڪئي ته رانديگرن کي سرڪاري مڃتا ڏيندي کين نقد انعام سان نوازيو وڃي. فيڊريشن جي صدر حمدان نذير رانديگرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته روئنگ جا رانديگر هاڻي عالمي سطح تي تمغا کٽڻ لاءِ تيار آهن. فيڊريشن جي چيئرمين رضوان الحق چيو ته حڪومت پاڪستان ۽ حڪومت پنجاب هن راند جي سرپرستي ڪن ۽ رانديگرن جي مالڪي ڪن.