لاهور: ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ هڪ اهم منصوبو پيش ڪيو آهي.ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽ ٽيمن، شاهينز، ايمرجنگ ۽ ايج گروپ ٽيمن لاءِ پلان تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد منظوري لاءِ پيش ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته منصوبي تحت، بايو مڪينڪس ليب کي مقامي يونيورسٽي کان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور منتقل ڪرڻ جو منصوبو آهي، ۽ ڪرڪيٽرن کي جديد سامان ۽ سافٽ ويئر سان تربيت ڏني ويندي.ذريعن موجب، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ ۾ هاءِ پرفارمنس سينٽر قائم ڪرڻ جو پڻ منصوبو آهي. سيالڪوٽ ۾ انڊر 13 ۽ انڊر 15 ايج گروپ جي رانديگرن لاءِ پروگرام هوندا، جڏهن ته فيصل آباد ۾ انڊر 17 ايج گروپ جي رانديگرن لاءِ ڊگھا تربيتي پروگرام هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي بينچ اسٽريٿ لاءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ 30 کان 35 ڪرڪيٽرن کي تربيت ڏني ويندي، جڏهن ته ملتان ۾ انڊر 19 ۽ ڪراچي ۾ وومين ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽر هوندا.ذريعن موجب ٽيسٽ سيريز جي تياري لاءِ اڳ ئي پلان تيار ڪيو ويو آهي، ريڊ بال لاءِ فوري طور تي هيڊ ڪوچ مقرر نه ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ريڊ بال هيڊ ڪوچ لاءِ مصباح الحق سميت ڪيترائي نالا غور هيٺ آهن.