ڪينال مخالف احتجاج ۾ وڪيلن سان گڏ آهيون پر روڊ بند نه ڪريو: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ڪينال مخالف وڪيلن جي تحريڪ جي حمايت ڪن ٿيون پر گذارش اها آهي ته روڊ کوليو، ماڻهو تڪليف ۾ آهن. ڪينال مخالف ڪاز اسانجو به ساڳيو آهي، ڀلي احتجاج ڪريو پر روڊ بند نه ڪريو، ڪيترائي مويشي ڦاٿل آهن، سامان جي اچ وڃ متاثر آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري تي پوپ جي وفات تي عيسائي برادري جي تعزيتي ميڙ ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سسٽم ۾ پاڻي ناهي، نوان ڪينال نٿا ٺهي سگهن. اسان ڪنهن به قيمت تي ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين. گذريل سال جولاءِ کان ڪم بند آهي، نومبر کان وٺي معاملو ايڪنيڪ ۾ اٽڪيل آهي، مان وفاقي حڪومت جو شڪر گذار آهيان ته هنن ٻيهر منظور ۾ جلدبازي ناهي ڪئي. هن چيو ته فوڊ سيڪرٽي جو معاملو اهم آهي اسانکي ان جو حل ڪڍڻو پوندو. هن وقت پاڪستان ۾سراسري طور 30 مڻ في ايڪڙ ڪڻڪ جي پيداوار ٿئي ٿي ڀارت ۾ اها 40 کان 45 مڻ آهي، چين ۾ اها 60 کان 65 مڻ آهي ۽ پاڻي به گهٽ استعمال ٿئي ٿو، اسانکي ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، وڌيڪ زمين تي پوکي مسئلي جو حل نه آهي. جم چيو ته 14 ملين بيلز ڪاٽن پيدا ڪرڻ واري ملڪ ۾ هاڻي اها پيداوار 6 ملين تي ڇو آئي آهي؟ اسانکي ان تي سوچڻو پوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته 1945 ۾ سنڌ پنجاب جي پاڻي واري معاهدي ۾ دستياب پاڻي جي ورهاست ٿيل آهي، ان وقت ته ڪوٽڙي ۽ گڊو بيراج به ٺهيل نه هيون پر پاڻي جي ورهاست ٿيل آهي. هن چيو ته پاڻي سسٽم مان گهٽ ٿي رهيو آهي ته نوان ڪينال نٿا ٺهي سگهن. هڪ سوال تي هن چيو ته وفاق ڪينالز معاملي تي سنڌ سان ڳالهائڻ چاهي ٿو اسين راڻا ٿناءَ الله جي رابطن کي ويلڪم ڪريون ٿا ۽ اميد آهي ته وزيراعظم ترڪي جي دوري تان واپسي تي هي معاملو حل ڪندو ۽ مونکي يقين آهي ته هو سنڌ سان انصاف ڪندو ۽ وفاقي حڪومت کي ان بابت جلد فيصلو ڪرڻو پوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان گذريل سال 13 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي هئي جيڪا موجود آهي ان ڪري هن سال خريداري نه پيا ڪريون، پنجاب ته گذريل سال به خريداري نه ڪئي ۽ هن سال به نه ڪئي آهي. جنهن سبب پنجاب ۾ هاري تنظيمون احتجاج ڪري رهيون آهن. هڪ ٻئي سوال تي هن ٻڌايو ته وفاق 19 اپريل تي خط لکي اين ايف سي ۾ صوبي جي نجي ميمبر کي نامزد ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ناڻي واري صوبائي وزير سان گڏ هر صوبي جو نجي ميمبر به هوندو آهي، اسين جلد اهو نامزد ڪنداسين. تعزيتي ميڙاڪي ۾ پوپ جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي وئي.