اسلام آباد: نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي(نادرا) ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ پاڪستان پوسٽ جي چونڊ آفيس ذريعي فراهم ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ سروس بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب اهو فيصلو سروس جي گهٽ استعمال ۽ عوامي آگاهي نه هجڻ سبب ڪيو ويو آهي، نادرا 3 سال اڳ عوام تائين خدمتون آسان طريقي سان پهچائڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو هو.اهڙي قدم ۾ پوسٽ آفيس تي وڃي شهرين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ، ايڊريس تبديل ڪرائڻ ۽ ازدواجي حيثيت ۾ تبديلي ڪرائڻ سميت ٻيون سهولتون ڏنيون ويون هيون.نادرا 10 ورهين جي معاهدي تحت ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت وڏن شهرن جي پوسٽ آفيس ۾ مخصوص ڪائونٽرز قائم ڪيا ويا هئا، عهديدارن پروگرام جي محدود پهچ کي اڻپوري عوامي آگاهي کي قرار ڏنو.نادرا جي پي اوز ۾ مقرر سموري عملي کي سامان ۽ جمع ٿيل سروس فيس جي رقم واپس ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اهڙي فيصلي سان چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ تقريبن 83 ڪائونٽر متاثر ٿيا آهن.