وزيراعظم وفاقي ڪابينه جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينه جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڪابينه جو اجلاس وڊيو لنڪ جي ذريعي ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ اهم ملڪي ۽ قومي معاملن تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪورونا وائرس جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينه جو ست نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا  ڪابينه جي ميمبرن ڏانهن موڪليو ويو.

وفاقي ڪابينه افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ قيام ۾ واڌ جو فيصلو به ڪندي. وفاقي ڪابينه اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) ۽ توانائي تي ڪابينه ڪميٽي جي فيصلن بابت سمري به پيش ڪئي ويندي.

پاڪستان ۾ سيٽيلائت سروسز جي اجازت بابت آءِ ٽي جي پاليسي بابت به هدايتون پيش ڪيون وينديون.