پاڪستان ۾ عورتن کي مردن کان گهٽ پگهار ڏني ويندي آهي: ڊاڪٽر شمشاد اختر

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته جيڪڏهن عورتن کي هر شعبي ۾ شامل ڪيو وڃي ته سماج جو معيار بدلجي ويندو. پاڪستان ۾ عورتن کي مردن کان گهٽ پگهار ڏني ويندي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن سان لاڳاپيل هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي.ڊاڪٽر شمشاد اختر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سماج جي تعمير ۾ عورتن جو ڪردار اهم رهيو آهي، هو اتي عورتن جي حقن کي فروغ ڏيڻ لاءِ غزه وئي هئي.هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ داخل ٿيڻ ڏيو. مالي شعبي ۾ مردن جو غلبو هو، هاڻي عورتون اتي شامل ٿي رهيون آهن. صنفي فرق کي گهٽائڻ اسان جو عزم آهي.

In Pakistan